فارم جمع ڪرائيندڙ گڏهه گاڏي واري چيو ته بس پئسو ٺاهڻو آهي: جسٽس خادم حسين

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين تنيو دلچسپ واقعو ٻڌايو، اليڪشن ٽربيونل ۾ اين  اي 234 کان برابري پارٽي جي مظهر جعفر جا فارم رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين تنيو ٻڌڻي ڪئي، اپيل ڪندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سالياني انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي فارم رد ڪيا ويا آهن، جسٽس خادم حسين چيو ته جيڪو شخص ٽيڪس ناهي ڏيندو اهو اليڪشن ڇا وڙهندو، ٽيڪس ته ڏيڻ گهرجي، ٽيڪس جمع نه ٿيڻ جي ڪري ٻيا ملڪ هاڻ پاڪستان قرض به نٿا ڏين، اميدوار شايد اليڪشن ۾ ٻه چار نوڪريون ۽ ڪجهه پئسي عيوض دستبردار ٿيڻ جي ڪري حصو وٺي رهيو آهي، جسٽس خادم حسين تنيو دلچسپ واقعو ٻڌايو ته 2001 ۾ سکر ۾ رٽرننگ آفيسر هو، اميدوارن جي انٽرويو دوران حيران ڪندڙ شيون ڏسڻ وٽان مليون، گڏهه گاڏو هلائيندڙ نازمدگي فارم جمع ڪرايا، هن ٻڌايو ته گڏهه گاڏو هلائيندڙ کان پڇيو ويو ته ڇو اليڪشن وڙهڻ چاهين ٿو، هن چيو ته ڪامياب ٿي ويس ته اسيمبلي پهتي پئسو ٺاهيندس نه ته مخالف اميدوار ڪجه نه ڪجهه ڏئي ئي ڇڏيندو، ڪامياب ٿي ڇا ڪرڻو آهي، گڏهه گاڏي واري جي سوچ جو مرڪز اهو ئي آهي ته ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.