ڪارونجهر جي هڪ پٿر کي به هٿ لڳائڻ نه ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري سرفراز  ميتلو چيو آهي ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي هيريٽيج سائٽ  آهي، هو قانون تحت محفوظ آهي، سول سوسائٽي ۽ ليگل فريٽيرينٽي ڪارونجهرجي ڪٽائي  خلاف عدالت سان رابطو ڪيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز ميتلو چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي حق ۾ فيصلو ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو جبل جي ويجهو ويو ته اسان وڪيل قانون موجب هن خلاف آواز اٿارينداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدر آباد فيصلو ڏنو آهي ته ڪارونجهر جبل تي مائننگ نه ٿيندي، اسان هڪ پٿر کي به هٿ لڳائڻ نه ڏينداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي نائب صدر زبيرابڙو چيو ته سنڌحڪومت سنڌ هاءِڪورٽ حيدرآباد  فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي ، سنڌحڪومت پرائيويٽ ادارن سان وڃڻ  چاهي ٿي وڃي اسان مشاورت ڪنداسين قومي ورثي کي بچائڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو ته ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.