طاقتور کي قانون جي تابع ڪرڻ جي ڪوشش جي مون کي سزا پئي ملي: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) توشا خانه ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ  ڪئي ته کيس طاقتور کي قانون جي تابع ڪرڻ جي ڪوشش جي سزا ڏني پئي وڃي.اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران موجود صحافين ۽ جيل عملدارن موجب عمران خان چيو ته توشا خاني ۾ چيو ويو آهي ته مون پنهنجي آفيس بوائي ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي. وزيراعظم جي حيثيت ۾ مون ڪنهن ٻئي کي نه پر هڪ آفيس بوائي کي استعمال ڪيو، ڇا اهو ممڪن آهي؟هن چيو ته منهنجي خلاف پٽيوالي سميت ٻن ڄڻن کي ڪوڙو شاهد بڻايو ويو آهي. ڇا هي معاشرو امر بالمعروف تي هلي رهيو آهي؟ جڏهن ته هي هڪ اسلامي معاشرو آهي.سماج جو دارومدار نيڪي ۽ بديءَ تي آهي. نيڪيءَ جي پڄاڻي ٿي ته سمجهو معاشرو ختم، طاقتور کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري مون کي سزا ڏني پئي وڃي.هن سپريم ڪورٽ پاران تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي عدالتي فيصلو قرار ڏنو، جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي پارٽي سان پي ٽي آءِ جي ممڪن اتحاد جي سوال تي هن چيو ته اسان جو سياسي سيٽ اپ اهو ئي فيصلو ڪندو.

راولپنڊي ( م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽  ندس گهرواري بشريٰ بي بي تي توشا خانا ڪيس ۾ فرم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت پاران بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جون ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.