سيڪيورٽي مسئلا ايترا سنگين ناهن جو چونڊون ملتوي ڪجن: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد (م ڊ) نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن جي  پر امن اعتمام جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي جا  مسئلا ايترا سنگين ناهن جو چوندون ملتوي ڪيون وڃن. ماضي ۾ به سيڪيورٽي مسئلن جي باوجود چونڊون ٿيون آهن ۽ سيڪيورٽي فورسز انهن   چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ڀرپور صلاحت رکن ٿيون.  هن انٽريو ۾ نگران وفاقي وزير سپريم ڪورٽ جي تاحيات نااهلي  فيصلي جي آجيان ڪندي چيوته سزا ڏيڻ جي پٺيان اصلاح جو تصور هوندو آهي. تاحيات نااهلي انصاف جي بنيادي اصولن جي خلاف هئي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف تي ٻڌل  آهي ۽ اسان ان جي آجيان ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ جي اجلاس ۾ رولز معطل ڪري چونڊن جي التوي جو ٺهراءُ  پيش ڪيو ويو. چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون. هن چيو ته نگران حڪومت کي  چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪوئي اختيار ناهي، سياستدانن کي سيڪيورٽي ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب  ۾ وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪيمشن جو سڪريٽري بيمار آهي. ان معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اليڪشن ٽربيونلز کان رليف ملڻ کان اڳ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي لاءِ 2620  نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. انهن مان 1996 نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا،  اهڙي طرح صوبائي  اسيمبلين لاءِ 1777 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جن مان 1398 نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا، پي ٽي آءِ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ جي شرح 78.67 سيڪڙو آهي ۽ اليڪشن ٽربيونل ملڻ کان پوءِ ان ۾ اڃان وڌيڪ بهترين ايندي، هن چيو ته اڳوڻو پي ٽي آءِ چيئرمين آزاد شهري ناهي هو جيل ۾ آهي، اسان کي ان ڳالهه تي اعتراض ناهي ته ڪوئي جيل مان ڪتاب يا آرٽيڪل لکي نٿو سگهي، اعتراض اهو آهي ته هي آرٽيڪل اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين لکيو ئي ناهي، وفاقي  وزير چيو ته اسان جي ڄاڻ مطابق جيل اندران ڪا شئي ٻاهر ناهي ڪئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.