2023 ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ 24 لک کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج

ڪراچي (رپورٽر) 2023 ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ 24 کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو، اين آءِ سي وي ڊي جي سال 2023 جي  ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي، ترجمان موجب اين آءِ سي وي ڊي مفت دل جي سرجري ۽ پرائمري انجيوپلاسٽي ڪندڙ سڀ کان وڏو هيلٿ ڪيئر نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته 2023 ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ 24 لک کان وڌيڪ مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويو، ترجمان ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي جي سمورن سينٽرز ۾ 20 هزار 33 پرائمري انجيو پلاسٽيز ڪيون ويون، ان کانسواءِ 4 هزار 454 ڪارڊيڪ سرجريز به سرانجام ڏنيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.