ڪراچي، جماعت اسلامي ڪارڪن جي قتل ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪن جي قتل ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار جوابدار جو تعلق   پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، ڪراچي قانون لاڳو ڪندڙ اداري اورنگي ٽائون ۾ 2 جنوري تي فائرنگ ڪري قتل ٿيل جماعت اسلامي جي ميمبر جي قتل ۾ ملوث جوابدار ۽ سندس ٻين 4 ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو ، جوابدار ظفر عرف شوٽر وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل 30 بور جو پستول هٿ ڪيو ويو. سندس نشاندهي تي واقعي ۾ ملوث ٻين 4 ساٿين مجيد، شاهزيب ۽ وسيم کي به گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدار 2 جنوري 2024 جي رات اورنگي ٽائون ۾ 42 ورهين جي وسيم صديقي کي قتل ڪيو هو ، ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار جوابدار ظفر جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، ذريعن موجب مقتول کي سندس مائٽن 5 لک رپيا ڏنا هيا قتل ڪرڻ لاءِ گرفتار جوابدارن ۾ ٽارگيٽ ڪلر ظفر، سندس 2 ساٿي مجيد ۽ ٽيون ساٿي شامل آهي جنهن کي واقعي کانپوءِ ڪار ۾ ويهاريو ويو، ان کان علاوه 2 ڄڻن کي سڳوري ڏيڻ وارن شاهزيب ۽ سندس چاچو وسيم شامل آهن ، شهزادي شاهزيب پنهنجي چاچي وسيم سان گڏجي وسيم صديقي کي مارڻ جو حڪم ڏنو، ٽارگٽ ڪلر ظفر عرف شوٽر ۽ ان جي ساٿي مجيد کي علائقي جي هڪ هوٽل ۾ سٽي ملي هئي، ٻنهي ٽارگيٽ ڪلرز هڪ لک رپيا ايڊوانس وصول ڪيا هئا جڏهن ته باقي رقم قتل بعد وصول ٿيڻي هئي، مقتول وسيم صديقي ٽريول ايجنٽ ۽ عمره ويزا جو ڪم ڪندو هو، وسيم صديقي کي گهر ٻاهران گرفتار جوابدار فائرنگ ڪري قتل ڪيو، وسيم صديقي ۽ سٽي وٺندڙ شاهزيب جوابدار ظفر عرف شوٽر ۽ وسيم هڪ ئي پاڙي جا رهواسي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.