ڪراچي: پنڪ بس سروس ۾ عورت ڊرائيور مقرر، شرجيل ميمڻ جي آجيان

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ پنڪ بس سروس ۾ عورت ڊرائيورن جي مقرري جي آجيان ڪندي  چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي يقين رکي ٿي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنڪ بسن ۾ عورت ڊرائيورن کي ڏسي خوشي ٿي آهي.عورتن جي مخصوص پنڪ بسن ۾ عورت ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن جي موجودگي بااختيار ۽ مضبوط عورت جو ثبوت آهي، پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سنڌ حڪومت پنڪ بسن ۾ عورت ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن کي مقرري جو عزم ڪيو هو، عورتن جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊڪٽرن جي مقرري اسرندڙ سنڌ جي نشاني آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين ڪمزور طبقن کي سگھارو بڻائڻ ۽ کين پاڻڀرو ڪرڻ جي فلسفي تي عمل ڪري ڏيکاريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.