اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ سيڪريٽريٽ جبري گمشدگين جو بل گم ٿيڻ بابت وضاحت ڏني آهي ته جبري گمشدگين جو بل گم ناهي ٿيو، قومي اسيمبلي واپس موڪليو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2 جنوري تي سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻيءَ ۾ان بل جو حوالو ڏنو ويو جيڪو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو پر جڏهن ان کي سينيٽ ۾ منتقل ڪيو ويو ته شايد غائب آهي. ان کان علاوه دعويٰ ڪئي وئي ته وفاقي وزير پاران بل پاس ڪرائڻ جون ڪوششون سينيٽ چيئرمين ناڪام بڻائي ڇڏيون، پر سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين تي لڳايل مٿين الزامن جو ازالو ڪرڻ مناسب ناهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اڃا تائين ميڊيا ۾ غلط تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته بل غائب ٿي ويو آهي ۽ ان جي پويان چيئرمين سينيٽ يا سينيٽ سيڪريٽريٽ جو هٿ آهي. هن چيو ته ايوان ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ بل غور ۽ رپورٽ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو، اهو بل 20 آڪٽوبر 2022 تي سينيٽ ۾ ڪجهه ترميمن سان پاس ڪيو ويو. پاڪستان جي آئين 1973 جي آرٽيڪل 70 شق (2) ۽ سينيٽ 2012 ۾ ضابطن جي طريقيڪار ۽ ضابطن جي قاعدن 125 جي مطابق، بل 20 آڪٽوبر 2022 تي ان جي اصلي ايوان (قومي اسيمبلي) ڏانهن واپس موڪليو ويو. هن چيو ته حقيقت پسندي واري موقف مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته بل ڪڏهن به غائب نه ٿيو هو ۽ نه ئي اهو سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ التوا ۾ هو پر آئين ۽ سينيٽ جي ضابطن موجب پاس ٿيڻ کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو هو.