بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا ملڪ گير مظاهرا،هاڻي تحريڪ ماٺي نه ٿيندي:ماهه رنگ

ڪراچي(ع آ نيوز) اسلام آباد ۾ جاري بلوچ خاندان جي لانگ مارچ جي ڌرڻي جي حوالي سان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڏ تي سڄي پاڪستان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي علائقي ملير ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت  ڪئي.ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته بلوچ عورتون جتي به رهن، اهي اسان جي طاقت آهن،بدقسمتي سان خاندان جي مردن جي غيرقانوني اغوا جي ڪري سڀ کان وڌيڪ نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، مان هن مشڪل وقت ۾ مليرڪراچي جي ماڻهن جي غيرمتزلزل حمايت لاءِ دل جي گهراين سان متاثر ۽ ٿورائتي آهيان، هر جاءِ بلوچ پنهنجي ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ اسان جي تحريڪ جو ساٿ ڏين، گڏجي اسان پنهنجي سڀاڻي کي روشن ۽ محفوظ بڻائي سگهون ٿا هوڏانهن تربت ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي  وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري روڊ تي نڪري آيا، مظاهرين ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار به شريڪ ٿيا، جن جي هٿن ۾ جبري لاپتا ڪيل ماڻهن جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ هئا، اسلام آباد ڌرڻي جي ٽئي مرحلي ۾ بلوچستان سميت آمريڪا، جرمني ۽ ڪئناڊا ۾ به بلوچن پاران مظاهرا ڪيا ويا، تربت ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته بلوچ نسل ڪشي خلاف جاري تحريڪ جو بنياد تربت ۾ رکيو ويو ۽ اهي پوري بلوچستان مان ٿيندو اسلام آباد ۾ بلوچ مائرن ۽ ڀينرن جي قيادت ۾ ڌرڻو هڻي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن پر جڏهن ڌرڻو اسلام آباد پهتو ته انهن کي پهرين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري اهو پيغام ڏنو ويو ته بلوچ لاءِ هن ملڪ ۾ ڪو قانون ڪو انصاف ناهي، مقررن چيو ته بالاچ بلوچ جي شهادت کانپوءِ جيڪا تحريڪ شروع ٿي اها اڄ پوري بلوچستان ۾ پکڙجي چڪي آهي، نگران حڪومت مظاهرين کي تخريبڪار ۽ مختلف لقبن سان نوازيندي رهي پر بلوچن جي اها تحريڪ هڪ پرامن تحريڪ آهي  ۽ انصاف لاءِ شروع ڪئي وئي آهي جنهن کي طاقت سان نه انصاف جي فراهمي سان ختم ڪري سگهجي ٿو، اڳواڻن چيو ته بلوچ مائرون ڀينرون،نياڻيون اسلام آباد جي سخت ترين سيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن اهي اڪيليون ناهن پورو بلوچستان انهن سان گڏ بيٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.