اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ بلوچستان شهدا فورم پاران جاري ڌرڻا ڪيمپ کي خطاب ڪندي آرگنائيزر جمال رئيساڻي چيو ته بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو آهي پر اهو سڀ کان وڏو مسئلو ناهي. اسان هتي بلوچستان شهيدن جي فورم جي طرفان شهيدن جي خاندانن سان گڏ ويٺا آهيون. اسان هتي آهيون ڇو ته اسان جي شهيدن تي ظلم ٿي رهيو آهي هڪ سازش تحت بلوچ کي بلوچ سان ويڙهايو پيو وڃي، بلوچ کي پختون سان، بلوچ کي پنجابي سان ويڙهايو پيو وڃي، پر ڪو به آواز اٿارڻ وارو ناهي.انهن کي رياست جي نالي تي قتل ڪيو وڃي ٿو، انهن ۾ سڀ کان پهرين مزدور، پورهيت، استاد اچن ٿا اسان شهيدن لاءِ بلوچستان شهيد فورم جي نالي سان هڪ پليٽ فارم ٺاهيو آهي،هن چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته شهيدن جي خاندانن لاءِ ڪوٽا رکي وڃي. اڄ اسان هڪ اهڙي جاءِ تي پهتا آهيون جتي ڪير به اسان جي نٿو ٻڌي، ڪو اسان کي مظلوم نٿو سمجهي، اسان اهو مطالبو کڻي آيا آهيون ته سڄي پاڪستان ۾ اسان کي شهيد ڪيو وڃي.بلوچستان ۾ هڪ سازش تحت باهه لڳائي پئي وڃي، هٿياربند تنظيمون باهه ڏئي رهيون آهن.مان پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ کڻي ويندس، ميڊيا کي به وٺي ويندس. اسان يقينن انهن بلوچن جي حمايت ڪريون ٿا جيڪي اصل گم ٿيل ماڻهو آهن