برطانوي هاءِ ڪمشنر جي نوازشريف سان ملاقات، ڪيسن مان بريت تي مبارڪون

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي  وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا مضبوط لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن.هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي.برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مختلف سياسي پارٽين سان پنهنجي ملاقاتن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته 8 فيبروري تي چونڊن جو انعقاد پاڪستان جي مستقبل لاءِ اهم آهي.برطانوي هاءِ ڪمشنر نواز شريف کي مختلف ڪيسن ۾ بريت تي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.