نوشهروفيروز : ايس ايم بند کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت

امير احمد سولنگي

گذريل سال جڏهن درياه اڃان بند کان1200 فوٽ دور هو  ته هنن ئي صفحن  ۽اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مون آبپاشي ذميدارن کي خبردار ڪيو هو ته درياهي کاڌ ۔پائڪ ۽ مکيه وهڪري جو رخ سڌو ايس ايم بند جي 41 هين ميل تي آهي ۔ترت اپاءُ وٺو۔  مگر آبپاشي کاتي حسب معمول  سستي ۽ غفلت ڪئي ۔  نتيجي ۾  عوامي ٽيڪس جا ڪروڙين روپيا خرچ ڪري به بند کي مذڪوره هنڌ تان  کائجڻ کان نه بچائي سگهيا ۔  بند جو ٽاپ جيڪو 60 فوٽ هيو  سو پائجي نو فوٽ وڃي بچيو ته پاڻي گهٽجڻ لڳو ۔  ان دوران چيف انجنيئر سيد سردار شاه  ۽ سندس عملي تي ڇا نه  گذريو  سا کين خبر آهي ۔  ان وقت بند جي وٽ سان درياه جي اونهائي  100 فوٽ نوٽ ڪئي وئي هئي ۔جنهن ڪري جيترو پٿر لاهجي پيو ان جو اتو پتو نه پيو پوي ته ڪيڏانهن ويو۔  اڄ به بند جي خطرناڪ صورتحال برقرار آهي.

۔۔ درياه جي سير يعني مکيه وهڪرو بند سان متصل وهي پيو موسم ۽ برساتن جي veri able trend کي ڏسجي ته ڪو اندازو ڪونهي ته ڪيترو پاڻي ايندو ڪيتري تباهي ٿيندي ۔  واضح رهي ته ٽوڙي بند  ميداني علائقي ۾ گڏ ٿيل سيلابي پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب ٽٽو هو ۔ نتيجي ۾ اڌ سنڌ تباه ٿي ۔ 41 هين ميل وٽ صورتحال مختلف آهي ۔ درياهي مکيه وهڪرو  اتر کان ڏکڻ طرف ايندي سڌو 41 هين ميل کي هِٽ ڪري ٿو ۔ سستي سبب  اتان بند ٽٽوته  ´´ اڀ ڦاٽي کي اڳڙي نه پوي´´ جي مصداق ڪو به اپاءُ ڪارگر ثابت نه ٿيندو ۔  ۽ درياهي مکيه وهڪري جو سڌو رخ  نوشهرو مورو شهر ۽  نواب شاه طرف هوندو  ۔ يعني جاڏي ڪنڌ تاڏي پنڌ  ۔درياه جو جاڏي ڪنڌ تاڏي پنڌ ٿيڻ ۾ ٻيلو کاتو به وڏو مجرم آهي.

۔ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته۔ 40 سال اڳدرياه بند کان  ٻه ميل پري ٻنهي پاسي گهاٽي جهنگ مان  پنهنجي رستي سان وهندو هو۔  آبڪلاڻي يعني چاڙه واري مند ۾ به گهاٽا وڏا وڻ  درياهي پائڪ کي روڪڻ ۾ مددگار هوندا هئا۔ 1990 کان پوء  ٻيلي کاتي جا ملازم ۽ آفيسر  درياه ۾ چاڙه اچڻ وقت   درياهي ڪپن سان  موجود وڏا وڻ پائجڻ واري خوف جي نالي ۾  وڍرائي درياه کي زمين کائن پائڻ جو رستو ڏيندا رهيا ۔  ۔آهستي آهستي  100 فوٽ پو 500  . 1500  . 2500 فوٽ  پري تائين  وڻ وڍرائي خالي زمين زميندارن کي  رشوت وٺي فصل ڪاهڻ لئه ڏيندا رهيا ۔اهڙيطرح  ٻيلي کاتي درياه کي گس ڏئي درياه کي بند تائين پهچايو آهي.

۔  ۔اڄ به درياه جي اٿلايل زمين ٻيلي جي پراڻن قبضيدارن جي قبضي ۾ آهي  هن وقت به  مذڪوره قبضيدارن ٻيلي آفيسرن جي رضامندي سان 20 هزار في ايڪڙ جي  حساب سان  سوين ايڪڙ زمين فصل ڪاهڻ لئه ڏئي ڇڏي آهي ۔ ۔جتي لئو ٻٻر ڪنڊي جا ٻوٽا وڍي سرنهن چڻا  مٽر جو فصل پوکيو آهي  اسان وس وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته قبضي هيٺ آيل ٻيلي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ سان گڏ ٻوڏ واري متوقع ۽ ممڪن صورتحال ۾ جيترو خرچ نوشهرو مورو نواب شاه شهرن کي بچائڻ تي ڪندا   سو هاڻ ئي  41 هين ميل وٽ بند بچائڻ لاء خرچ ڪري بند محفوظ ڪيو ۔ جو آب ڪلاڻي مند ۾ باقي ست مهينا بچيا آهن۔ شاه حبيب جي لفظن ۾  ۔” جيڪي مئي ڪنداه  سو جانب ڪريوجيئري“.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.