صالح العاروري جي قتل بعد بيروت اسرائيل ڇڪتاڻ ۾ اضافو

وچ اوڀر جي ويڙھ ۾ تازو ئي حماس جو ھڪ اھم اڳواڻ بيروت ۾ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آھي.جنھن بعد اسرائيل چيو آهي ته اھو حملو حماس تي ڪيو ويو ھو ، لبنان تي نھ ڪيو ويو ھو.بھرحال ان کانپوءِ حماس ۽ ان جي اتحادي حزب الله اسرائيل کي سنگين نتيجن جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.

اسرائيلي ترجمان مارڪ ريگيو ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ کان تھ انڪار ڪيو ته اسرائيل اھو قتل ڪيو آهي، پر ھن آمريڪي ٽي وي چينل ”ايم ايس اين بي سي“ کي ٻڌايو ته  ”جنھن بھ اھو ڪيو، اهو واضح ھئڻ گهرجي ته اهو لبناني رياست تي ڪو حملو نه هو“.

حماس ان قتل جي سخت مذمت ڪئي، جڏهن ته ان جي اتحادي حزب الله ان کي لبنان جي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو.

ان کان سواءِ لبنان جي وزير اعظم اسرائيل تي الزام لڳايو آهي ته هو "لبنان کي ان ڇڪتاڻ ۾ گھلڻ جي” ڪوشش ڪري رهيو آهي.

لبناني ميڊيا موجب حماس جو نائب سياسي اڳواڻ صالح العاروري ڏکڻ بيروت ۾ ھڪ ڊرون حملي ۾ ٻين 6 ڄڻن سان گڏ مارجي ويو، جن ۾ حماس جا ٻه فوجي ڪمانڊر ۽ 4 ٻيا ميمبر شامل هئا.

ٻڌايو وڃي ٿو ته صالح العاروري حماس جي هٿياربند ونگ قاسم برگيڊ ۾ اهم عهدو سنڀاليندڙ هو ۽ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جو ويجهو ساٿي هو. هو لبنان ۾ پنهنجي گروپ ۽ حزب الله جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪندو ھو.

صالح العاروري 19 آگسٽ 1966 تي رام الله جي اتر اولهه ۾ ارورا جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ هن حبرون يونيورسٽي مان شريعت جي تعيلم حاصل ڪئي.اخوان المسلمين ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ 1987 ۾ حماس جو ڪارڪن بڻيو،ان بعد1991 کان 1992 جي وچ ۾ ويسٽ بئنڪ ۾ القاسم برگيڊ جي قيام ۾ حصو ورتو

.20 سال اسرائيلي جيلن  ۾ گذاريندڙ عصمت منصور، بي بي سي کي ٻڌايو ته العاروري گهڻو وقت اسرائيلي تحويل  ۾ گذاريو،پر مٿس ڪو بھ الزام ثابت نه ٿيو.

صالح العاروري 2007 ۾ گرفتار ٿيو ۽ ڏھ سال جيل ڪاٽيو، پر 2010 ۾ اسرائيل طرفان ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.عصمت منصور مطابق جيل اندر قيدين جي تبادلي جي معاهدي ۾  العاروري اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن سان1027 فلسطيني آزاد ٿيا.

ھن ٻڌايو تھ العاروري ۽ ھڪ ٻئي اڳواڻ سنوار نيگيو جيل ۾ حماس جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ معاهدي کي آخري شڪل ڏني. ٻاھرين ملڪ تحريڪ جي اڳواڻن لاءِ ان ۾ رڪاوٽون هيون. ان کان پوءِ هن معاهدي جي مڪمل ٿيڻ کان ڪيترائي مهينا اڳ کيس آزاد ڪيو ويو . شايد اھو عمل معاھدي لاءِ  جاءِ ۽ موقعو فراھم ڪرڻ  ھو.

ان کان پوءِ اسرائيلي سپريم ڪورٽ صالح العاروري کي فلسطين جي علائقي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو.جنھن بعد ھو شام، ترڪي ۽ قطر کان ٿيندو، لبنان جي ڏاکڻي علائقي بيروت پھتو جتي  حزب الله جو مرڪزآهي.

صالح العاروري 2010 ۾ حماس جي سياسي بيورو جو ميمبر ٿيو ، 2017 ۾ نائب صدر چونڊيو، جنهن کي ھن وقت حماس جي اسرائيل خلاف جنگ جي توثيق جي طور تي ڏٺو پئي ويو.فلسطيني نيوز موجب  چونڊجڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد صالح العاروري تهران جو دورو ڪيو ۽ حزب الله جي اڳواڻ حسن نصرالله سان ملاقات ڪئي.

صالح العاروري  کي2021 ۾ اولهه ڪناري ۾ حماس جو سربراهه پڻ چونڊيو ويو.ھن وقت جاري جنگ ۾صالح العاروري کي نصرالله ۽ فلسطيني اسلامي جهاد جي سيڪريٽري جنرل زياد النخلا سان ملاقات ڪندي ڏٺو ويو.ٽنهي اڳواڻن غزه ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي جارحيت  خلاف خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

العاروري اسرائيل کي گهربل شخص هو،ھن کي اولهه جي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج ۽ آبادڪاري خلاف حملن جو “معمار“  غزه ۽ لبنان مان راڪيٽ فائر ڪرڻ جو ماھر قرار ڏنو وڃي ٿو  ۽ اسرائيلي ميڊيا ان کي ڇرڪائيندڙ خواب ۽ ايران ۽ حزب اللھ جي لاڳاپن جو ”ابو“ قرار ڏنو.ھو آمريڪا جي عالمي دھشتگردن واري لسٽ ۾ بھ شامل ھو.تازو العاروري جي گهر کي اسرائيل فورسز مسمار ڪري ڇڏيو هو،سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽين سميت 20 ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.