سائين ميرمحمد پيرزادي جي ڪتاب "ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جي مهاڳ ۾ سنڌ جو خوبصورت شاعر ۽ برجستو نقاد سائين تنوير عباسي لکي ٿو ”شاعر جي تخليقي سگھه مان پروڙ پوندي آهي ته شاعر لاءِ گهاڙيٽو مسئلو ئي ناهي۔“ ڊاڪٽر صاحب جي ڳالھه کي اڳتي وڌائيندي ته جيڪي فطري شاعر هوندا آهن، اهي بي ڪنار درياھ وانگر هوندا آهن، سندن من مان اظهار جو سيلاب پنهنجا گهاڙيٽا پاڻ ٺاهيندو ويندو آهي۔ سائين ميرمحمد پڻ فطري شاعر هو ان جي اندر ۾ به اظهار جو درياھ ڇوليون هڻي رهيو هو، ۽ پوءِ اهو گيت، غزل، نظم، بيت، وائي، ترائيل آزاد نظم، ڇتارن وغيره جي صورت ۾ پنهنجا گهٽ گهيڙ سيراب ڪندو رهيو۔
شيخ اياز شاعر بابت هڪ هنڌ لکيو آهي ” مون سدائين محسوس ڪيو آهي ته شاعر ريڊيو ايريل وانگر آهي، ۽ لهرن تي ڪي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جن جو اظهار هو شاعري ۾ ڪندو آهي۔“
ڪجهھ اهڙا ئي آواز سائين ميرمحمد جي دل سان ٽڪرائجي ننڍڙن نظمن جي صورت ۾ سندس قلم مان تخليق ٿي ”ليار نيڻن ۾ ڦٽا“ ۾ معصوم ٻارڙن وانگر شامل ٿي ويا۔ جن بابت پاڻ وضاحت ڏيندي لکي ٿو ” هي ننڍڙا نظم جپاني شعري صنف ”رينگا“ جي تتبع تي چيل آهن، جنهن جو سٽا هائڪي جي فارم ۾ ٻن هم قافيه سٽن جي واڌ سان جڙي ٿو، پر هن ۾ ٽيڪنڪ اها رکيل آهي ته آخر ۾ ٻه سٽون هائڪي جي وچين سٽ سان به هم قافيه هجن۔“
هي ننڍڙي نظم ۾ ڇتاري وانگر نهايت ڏکي ٽيڪنڪ آهي، پر تنوير چوڻي وڏي شاعر لاءِ ٽيڪنڪ مسئلو نه هوندي آهي، هي نظم ايترو ته فطري انداز ۾ تخليق ڪيا ويا آهن جو نظم پڙهندي پاٺڪ جو ڌيان ٽيڪنڪ ڏي وڃي ئي نٿو۔ مثال:
ٻوڪيل آ جو انب اڱڻ تي،
ڀنئورن ٽوليون سنگ ۾ ڳائن
پر هي آهي ويل وڃڻ تي
اڻ چيل ارمان ستائن،
تو ري جذبا جوان ستائن!
شيخ اياز شاعر جي تخليقي ڪيفيت بابت لکي ٿو:
”شاعري جي تخليق وقت جسم روح ۾ بدلجي وڃي ٿو، من تن جي پڃري جون تيليون ڊاهي هوا ۾ اڏامي ٿو، زندگي پنهنجا سارا ٻنڌڻ ٽوڙي پنهنجي غلامي مان اجهل آزادي ماڻي ٿي ۽ ريت جي ڪڻ ڪڻ کان وٺي تارن جي رمجهم تائين ساري ڪائنات شاعري جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي۔“
اياز صاحب جي مٿين راءِ پڙهي جڏهن آئون سائين جو هي نظم پڙهان ٿو ته لون ڪانڊارجي وڃي ٿي، سوچ پيڙا جي بن ۾ ڀٽڪڻ لڳي ٿي، سائين ڪيڏي نه اذيتناڪ ڪيفيت مان گذري هي نظم سرجيو هوندو۔
پيار جي پيڙا درد جو دريا،
ٻڏندي ٻڏندي تري ويو آهيان،
توبن چاهت ڄڻ ڪا چکيا
ڪيڏو آئون ٺري ويو آهيان
سوچيان ٿو ته مري ويو آهيان!
کيرٿر جيڏو اڏول ماڻهو پنهنجي وجود ۾ ڪيئن نه ميڻ بتين وانگر ڳرندو رهيو ۽ ساڻس ڳنڍيل وجودن کي لهس به اچڻ نه ڏنائين۔
جيئن ته سائين لکيو آهي ته هي نظم جپاني شعري صنف ”رينگا“ جي تتبع تي لکيل آهن، جپاني شاعريءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته ان ۾ خوبصورتي ۽ بدصورتي، خوشي ۽ غمي گڏ گڏ تخليقي سفر ڪنديون آهن، سائين ان ڳالهھ کان ڀلي ڀت واقف آهي، انهيءَ ڪري پاڻ هنن نظمن ۾ ان ڳالهھ جو خاص خيال رکيو اٿائين۔
پرھ ڦٽي جو پکي لنون ٿا،
”خوشبو “ لوڏي هير هندورو
گل ڦل شبنم گيت چون ٿا
پلڪ اکين جو ڀاسي ڳورو
توري ويٺي ڳائيان مورو!
هاڻي هن نظم ۾ ماحول سڄو خوشي وارو آهي،پرھ ويلي پکي ٻولي رهيا آهن، خوشبو ڀري هير گهلي رهي آهي، گلن کي ماڪ ڌوئي ڇڏيو آهي، پر ان سڄي خوشگوار ماحول ۾ جيڪڏهن پرين جدا آهي، ته اکين جو اداسي حق ٿي وڃي ٿي، هي نج جپاني شاعريءَ جو مزاج آهي، هيڪو نظم کي پر اثر بڻائي پڙهندڙ جي دل جي ڌڙڪن تيز ڪري ٿو ڇڏي۔
سائين جيئن ته گيت جو استاد شاعر هو، گيت سندس روح جي رڙ هئا، انڪري گيت جي مزاج جي اثر کان سندس ڪابه صنف بچي نه سگهي آهي، سندس هي نظم ڏسو ڄڻ گيت جو بند آهي:
سپنا توسان ماڳهين ڪٽي،
توکان ڪڏهين عار نه ڪيو آ
پوءِ ڇو مون سان ويري چٽي؟
توکي ڪنهن سان پيار نه ٿيو آ
توکان جو ڪو ڌار نه ٿيو آ۔
يا هي نظم ڏسو
روز پڇي ٿي ڦوھ جواني
موسم چيڙائي ٿي مون کي ،
اڄ به نه آيو تنهنجو جاني!
چانڊوڪي ڀي اک ڀڃي ٿي
پروس پريت نه مور مڃي ٿي۔
ڊاڪٽر تنوير چوي ٿو”شاعر پنهنجي ذات ۾ ڪائنات سمائي ڇڏيندو آهي، تخليقڪار جي حيثت ۾ ان جي ڏات مان اها ڪائنات جهلڪندي آهي۔“
هنن نظمن ۾ سائين جيڪا ڪائنات سمائي آهي، اها ڏاڍي معصوم، حسين ۽ پيار سان ٽٻٽار آهي، سندس ان ڪائنات ۾ بي پناھ سڪون آهي، سرور آهي، نظم پڙهندي ماڻهو آس پاس جي ماحول کان نڪري ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا ۾ هليو ٿو وڃي۔
ھيل به ليار ڦٽي پيا گيڙو
ياد پيا سي ڳل پرين جا،
جن تي ننڊ ۾ ٽهليا ٽيڙو
پر نه ڇڏي ويا پنهنجا پيرا،
ڀنئورا ڏين پيا تن تي ڦيرا۔
سائين به شيخ اياز وانگر ان ڳالهھ تي يقين رکندو هو ته ”ترنم ۾ حسن ۽ حسن ۾ ترنم آهي۔“ هو ان ڳالھه تي يقين ان ڪري به رکندو هو جو سندس پالڻا ئي سرن سان ٿي هئي، سندس جواني راڳ ڀاڳ جي تان هئي، راڳ سان انس ۽ راڳ جي سمجهھ جي ڪري ئي هن پنهنجي شاعري ۾ ڪيترين ئي جاين تي، راڳڻين جا حوالا اسعارن ۽ تشبيھن جي صورت ۾ ڪمال ڪاريگريء سان استعمال ڪيا آهي، جيڪي حسن ۾ ترنم پئدا ڪن ٿا، را ”ڀيرو“ سمپورن راڳ آهي، فجر ويل ڳايو ويندو آهي، ان خوبصورت راڳ جي تشبيھ سائين هن نظم ۾ ڇا ته ڪمال سان ڏني آهي۔
رات لڙي ۾ ڪونج جو ڪرڪڻ
”ڀيرو“ راڳ ۾ سرگم وانگي،
لڄ وچان آ هن جو مرڪڻ،
ايندين اڄ تون ڪنهن ڪم سانگي،
ڪوڙ نه ڪڏهين ٻوليو ڪانگي۔
پهرين ٻن سٽن تي جيڪڏهن غور ويچار ڪبو ته رات لڙي چڪي آهي ۽ ڪونج جو ڪرڪڻ راڳ ڀيرو وانگر آهي، جيڪو فجر جو راڳ آهي، يعني رات ختم ٿيڻ واري آهي، پرھ ڦٽڻ واري آهي، هن جي لڄ وچان مرڪڻ ۽ ڪونج جي ڪرڪڻ کي راڳ ڀيرو جي سرگم سان تشبيھه ڏئي، انڌياري کي ختم ڪرڻ جي نويد ڏيکاري محبوب (مقصد) جي ملڻ جي پڪ ڪانگ کان ڏياري سائين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي۔
شيخ اياز صهي چيو آهي، ته شاعر پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکندو آهي، نه ئي ٻين جي تحسين لاءِ
سائين پنهنجي ذات جي تڪميل ۽ پنهنجي ديس جي نئين سر تشڪيل لاءِ سڄي زندگي نه صرف لکندو رهيو پر عملي طور به جدوجهد ۾ رهيو۔ بس آخر ۾ سندس لفظن ۾ ايترو ئي ته:
ڏيئا تڙ تي ٽم ٽم ٽمڪن،
چيٽي چنڊ جي چوڏس آهي
ڪنهن جا خيال اندر ۾ کٽڪن،
ڇا ٿو منهنجو من اڄ چاهي؟
ڏئي نه سگهي جو ڪوبه ورائي!