نامياري ليکڪا، اسڪالر ۽ سماج سڌارڪ انيتا شاهه جو لاڏاڻو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي اسڪالر، نامياري ليکڪا، استاد، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماج سڌارڪ انيتا شاهھ لڪياري 55 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. انيتا شاهه لڪياري وڏي عرصي کان دماغ جي موذي مرض ۾ مبتلا هئي، ھوءَ مسلسل علاج ھيٺ رھي، پر ڪالھھ حيدرآباد ۾ ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو. انيتا شاهھ جي جنازي نماز حيدرآباد جي واڌو واهھ جي گيٽن وٽ ادا ڪئي وئي ۽ سندس مڙهھ کي تعلقي ٻهراڙي جي علائقي واڻڪي وسي نيو ويو، جتي مقامي  قبرستان ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن، تعليمدانن، مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، انيتا شاھھ هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ سميت خاندان جا ڀاتي سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس ڀاءُ ڪجھھ عرصو اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس امڙ ۽ والد بھ وفات ڪري ويا ھئا، ڀاءُ، ماءُ ۽ پيءُ جي وڇوڙن جھڙن صدمن جي ڪري انيتا شاهھ بيمار ٿي پئي ۽ ھوءَ دماغ جي موضي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن سندس زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. انيتا شاهه 15 نومبر 1974ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس وڏڙا اصل دادو ضلعي جي خدا آباد واري علائقي جا رھواسي هئا، پر گھڻي عرصي کان هو حيدرآباد ۾ رهندڙ هئا، انيتا شاهھ پنهنجي شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ هن 1998ع ۾ ايم بي اي مارڪيٽنگ جي ڊگري ۽ 2002ع ۾ ايم اي سوشالاجي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن 2000ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف وومين اسٽڊيز لاهور مان پوسٽ گريجوئيشن جو سرٽيفڪيٽ ۽ يونيورسٽي آف ميري لينڊ ڪاليج پارڪ آمريڪا مان هيوبرٽ همفيري فيلوشپ تحت عورت ۽ سياست، عورت ۽ ميڊيا، فلم ميڪنگ، ويب سائيٽ ڊولپمينٽ ۽ پراڊڪشن، ڪهاڻي ۽ تخليقي لکڻين جي موضوعن تي مختلف ڪورس بھ ڪيا، سينٽر آف جينڊر اسٽڊيز اسٽريٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (انگلنڊ) طرفان هن آڪٽوبر 2005ع کان جنوري 2006ع تائين مختلف موضوعن تي ڪرايل سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ريسرچ اسڪالر طور شرڪت ڪئي. هن غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي قتلام بابت مونوگراف بھ لکيا، هن لکڻ جي شروعات 1994ع کان اخبارن ۾ مضمونن ذريعي ڪئي. سندس لکڻين جا موضوع خاص طور تي سنڌ جي ڳوٺاڻي عورت جي حوالي سان سماجي ۽ معاشي ترقيءَ بابت هئا. هن سنڌيءَ ۾ 100 کن ڪالم لکيا ۽ 1997ع کان 1999ع تائين بي بي سي انگلش لئنگئيج سينٽر حيدرآباد ۾ لئنگئيج ٽيچر طور بھ خدمتون انجام ڏنيون. 1998ع ۾ ايم بي اي ڪرڻ کانپوءِ ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ آڪٽوبر 1999ع کان جنوري 2000ع تائين ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ انسٽرڪٽر بھ رهي، ساڳئي سال انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس حيدرآباد ۾ بھ هن انسٽرڪٽر طور خدمتون انجام ڏنيون. مختلف پرڏيهي يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ هن فيلوشپ بھ حاصل ڪئي. مارچ کان جون 2007ع تائين هو وائيس آف آمريڪا جي پروگرام “بيانڊ دي هيڊلائينز” جي رپورٽر ۽ پروڊيوسر بھ رهي. ڪمپيئر جي حيثيت ۾ هن هڪ خانگي ٽي وي تان مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ٽاڪ شو بھ ڪيا. هن پي ٽي وي تي بھ مختلف پروگرام ڪيا. هو عورتن جي حقن لاءِ عملي طور پاڻ پتوڙيندي رهي. سرڪاري نوڪريءَ دوران ثقافت کاتي ۾ سيڪشن آفيسر رهي، مئي 2001ع کان ڪجهھ عرصي تائين هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڊپٽي سيڪريٽري بھ رهي. هن 2004ع ۾ ڪيئر نالي سان هڪ غير سرڪاري سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن کي پوءِ هن 2006ع ۾ ٽرسٽ فار رورل اپ لفٽ، ڪلچر اينڊ انوائرمينٽ جي نالي سان رجسٽرڊ ڪرايو. ان تنظيم جي هو پاڻ باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو رهي. سندس تنظيم يو اين ڊي پي جي ننڍي گرانٽ واري پروگرام سان گڏجي مٽياري ۾ هڪ پراجيڪٽ هلايو. 2001ع ۾ عورتن جي مسئلن بابت ڀرپور نموني سان لکڻ تي کيس خيرالنساءَ جعفري ادبي ايوارڊ ۽ خان محمد پنهور ايوارڊ بھ ڏنا ويا. هو سنڌ گورنمينٽ جي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري بھ رهي، جتان هن استعيفيٰ ڏئي پاڪستان پيٽروليم ڊولپمينٽ ۾ ڊائريڪٽر طور نوڪري اختيار ڪئي. هو زندگي جي آخري گهڙين تائين ان اداري سان لاڳاپيل رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.