حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ، ضلعي حب جي صدر ۽ بلوچستان بابت آصف علي زرداري جي ترجمان مير علي حسن زهري سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ۾ چيئرمين صادق سنجراڻي جي ذاتي خواهش تي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو،چيئرمين سينيٽ پنهنجي ساٿين ذريعي ٺهراءُ جمع ڪرايو ، 8 فيبروري تي چونڊن لاءِ ماحول بڻجي چڪوآهي، حڪومت ۽ ٻين سياسي پارٽين جو ان قرارداد سان ڪو به واسطو ناهي.هن چيو ته امن امان جي صورتحال 2018 ۽ 2008 جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي.جيڪڏهن امن جو جواز بڻائيندا رهيا ته ڪڏهن به اليڪشن نه ٿي سگهندي ڪڏهن امن ته ڪڏهن موسم کي عذر بڻايو پيو وڃي جڏهن ته سڄي دنيا امن ۽ موسمي تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي،هن چيو ته چيئرمين سينيٽ سياسي يتيم آهي، هو جلد ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جي جستجو ۾ آهي، بدقسمتيءَ سان چيئرمين سينيٽ کي ڪير به پاڻ سان گڏ کڻڻ لاءِ تيار ناهيمير علي حسن زهري چيو ته سڪيورٽي فورسز هميشه رياست جي رٽ کي برقرار رکيو آهي پر هو چونڊن ۾ ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.