ايف آءِ اي طرفان 14 ڪروڙن جو فراڊ ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي مني لانڊرنگ اينڊ ڪائونٽر فنانس ٽيررازم سرڪل 14 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو  اي فراڊ ڪندڙ جوابدارن خلاف اينٽي مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف فراڊ جي رقم سان ملڪيت خريد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مني لانڊرنگ ذريعي خريد ڪيل ملڪيت ۾ فليٽ، گلشن اقبال ۾ هڪ پلاٽ ۽ ناز پلازه ۾ هڪ دڪان شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي جوابدارن پنهنجي گهرڀاتين ۽ ٻين جوابدارن سان گڏ ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي اي ڪامرس ذريعي مختلف شيون خريد ڪيون ۽ آرڊر ڪينسل ڪري رقم واپس ورتي. ٻئي طرف واپارين جي ڪيترن ئي مشورن جي جواب ۾ رڳو هڪ سيٽلمينٽ جي رقم وصول ڪئي وئي، جوابدارن نجي بئنڪ جي مختلف شاخن ۾ پنهنجا اڪائونٽ استعمال ڪري باقي رقم وصول ڪري ورتي، جنهن ۾ 14 ڪروڙ 20 لک رپين جو نقصان ٿيو. ايف آءِ اي هڪ خانگي بئنڪ جي شڪايت تي سائبر ڪرائم سرڪل ڪراچي جي جاچ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، ايف آءِ آر مني لانڊرنگ سرڪل کي اينٽي مني لانڊرنگ جي شقن تحت جاچ لاءِ منتقل ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.