ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ ٽريفڪ اهلڪار تي وڪيلن جو تشدد، وڊيو وائرل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار تي تشدد وڪيلن جو تشدد وڪيلن جي تشدد جي فوٽيجز سامهون اچي  ويون آهن، تفصيل موجب عدالتي احاطي ۾ سيڪشن آفيسر پي آءِ بي تي تشدد جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي، وڊيو ۾ ايس  او تي تشدد ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ وڪيل سميت 4 ڄڻن کي ڏسي سگهجي ٿو، محمد يوسف پنهنجي موبائيل فون تي ڪجهه ڏسي رهيو هو ته اوچتو سندس ڀرسان بيٺل وڪيل سندس منهن تي زوردار چماٽ هنئي. وڊيو موجب يوسف جي ٽوپي لهي وئي ، ٽريفڪ سيڪشن آفيسر يوسف پنهنجي هٿ سان چماٽ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪيل ٽريفڪ اهلڪار کي پيٽ ۾ لات هنئي، ٽريفڪ پوليس سيڪشن آفيسر زمين تي ويهي رهيو. ان دوران هڪ شخص وڪيل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، وڪيلن ۽ ٻين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي ساٿي پوليس واري کي بچائڻ لاءِ وڪيل کي هٽائڻ لڳو ، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهڪار وڃي رهيو آهي ته پٺيان کان وڪيل پوليس اهلڪار کي چماٽ وهائي ڪڍي واقعي کانپوءِ پوليس اهلڪار سٽي ڪورٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.