آصف زردري جو ايندڙ هفتي نصير آباد جو دورو ملتوي

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايندڙ هفتي نصيرآباد جو دورو رد ڪري ڇڏيو، سندس جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري دورو ڪندو،ذريعن موجب آصف زرداري  سڀاڻي بلوچستان ۾ ڊيرا بگٽي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، هو سرفراز بگٽي جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جو ايندڙ هفتي نصيرآباد جو دورو به شيڊيول هو پر اڻٽر سببن جي بنياد تي هن اهو دورو رد ڪري ڇڏيو آهي، دوري دوران آصف زرداري کي جلسو ۽ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪرڻو هو.ذريعن موجب آصف زرداري جي جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري نصيرآباد جو دورو ڪندو، پ پ چيئرمين 14 جنوري تي نصيرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

لاهور ۾ پ پ ڪنوينشن،جيال پاڻ ۾ وڙهي پيا

لاهور (م ڊ) پ پ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پهچڻ کان اڳ جيالا پاڻ ۾ وڙهي پيا.ڪنويشن ۾ ڪرسي تي ويهڻ جي معاملي تي جهيڙو شروع ٿيو، جنهن کانپوءِ جيالن هڪٻئي کي ٺونشا وهائي ڪڍيا، پوليس موقعي تي پهچي کين ڇڏايو.واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي جماعتن طرفان ورڪرز ڪنوينشن ۽ سياسي سرگرمين جو سلسلو جاري آهي.

ڪي پي ۾ خانگي ۽ سرڪاري پرائمري اسڪول 13 جنوري تائين بند رهندا

پشاور (م ڊ ) خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ۽ خانگي پرائمري اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي موڪلن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري  ڇڏيو آهي، جنهن موجب خانگي ۽ سرڪاري پرائمري اسڪول 13 جنوري تائين بند رهندا. اعلان موجب مڊل، هاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جا وقت تبديل ڪيا ويا آهن، مڊل، پرائمري، هائير سيڪنڊري اسڪول صبح 9:30 وڳي کليل ۽ 3:30 وڳي بند ٿيندا.

گورنر سنڌ سان هالينڊ جي اعزازي قونصل جنرل طارق معين الدين جي ملاقات

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان هالينڊ جي اعزازي قونصل جنرل طارق معين الدين خان گورنر هائوس ۾  ملاقات ڪئي۔ ملاقات ۾ پاڪ-هالينڊ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، گورنر سنڌ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي گنجائش موجود آهي۔ جڏهن ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل سهڪار وڌائڻ سان فائدو ٿيندو۔ سنڌ جي گورنر طارق معين الدين خان سان گڏ اميد جي گهنٽي، طاقتور پاڪستان راشن بيگز ۽ آئي ٽي مارڪي جو پڻ دورو ڪيو، اعزازي قونصل جنرل طارق معين الدين خان چيو ته سنڌ جي گورنر پاران عوامي ڀلائي لاءِ کنيل سمورا قدم مثالي آهن۔ اعزازي قونصل جنرل چيو ته خاص ڪري آئي ٽي ڪورسز سان نوجوانن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.