قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ لاکاٽ جي ايس يو پي جي بلدياتي اليڪشن ۾ يوسي گھرام مري جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، 2 عورتون به زخمي ٿي پيون، مقتول لاکاٽ جي نوجوان وزير جتوئي جي لاش کي گاجي شاهه جي ميلي تان لاش کڻائي ڳوٺ لاکاٽ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو جتي سوين ماڻهن جي تعداد ۾ نماز جنازا ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سردار غلام نبي مري يوسي گھرام مري جي چيئرمين غلام سرور جتوئي يوسي مرزا باغ جي چيئرمين بھار خان مري پريس ڪلب جي صحافي عبدالمومن جوڻو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن شرڪت ڪئي، مقتول جو قاضي احمد شوڪت ڪالوني ۾ وڇايو ويو، مقتول جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته بيگناهه نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.