ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي سينيٽر ڪهدا بابر چيو آهي ته سياسي مافيا مون سميت ڪنهن به چونڊيل ميمبر کي پارليامينٽ ۾ آواز اٿارڻ کان نٿي روڪي سگهي، وڏين سياسي پارٽين جي خواهشن تي پنهنجي حق تان هٿ نٿا کڻي سگهون. هڪ بيان ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري ٽهراءِ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر ڪهدا بابر چيو ته وڏيون سياسي پارٽيون منهنجو وزيراعظم، منهنجو وزيراعظم کيڏڻ بدران عوام جي مسئلن تي غور ڪن. سينيٽر ڪهدا بابر چيو ته ڪنهن جي ذاتي خواهشن کي پورو ڪري کيس وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سهولتڪاري نه ڪنداسين. اوهان کان پڇڻ چاهيان ٿو ڇا قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ وڏو گناهه آهي؟ ڇا قرارداد آئين جي خلاف هئي؟ ڇا چونڊون اڳ ئي دير جو شڪار نه ٿيون آهن؟