ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بلن ۾ 200 سيڪڙو واڌ باوجود گئس غائب

ڪراچي ( م ڊ) گهريلو صارفين جي لاءِ گئس جي قيمت ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ جي باوجود ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گئس جي  بدترين لوڊشيڊنگ جاري آهي، حڪومت پهرين نومبر 2023 کان گئس جي قيمتن ۾ تقريبن 200 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو هو، واڌ لاڳو ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، صارفين جو چوڻ آهي ته اڳ ئي بجلي جي قيمتن زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي، گئس جي قيمتن ۾ واڌ باوجود گئس جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي.

عام چونڊن ۾ اسان کي ايم ڪيو ايم ڪٿي نظر نه پئي اچي: ناصر شاهه

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئپ ڪندي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اسان کي ڪٿي نظر نه پئي اچي، پنهنجي بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي مثبت سياست سان ايم ڪيو ايم کي وڏو نقصان پهتو آهي، صوبي ۾ ترقي ٿي آهي ۽ انفرا اسٽرڪچر بهتر ٿيو آهي، جڏهن ته عوام جي خدمت جي ڪري ڪراچي جو ميئر جيالو آهي، ٻهراڙي هجي يا شهري علائقا، سموري سنڌ ۾ پ پ ڪلين سوئپ ڪندي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون 22 مان 15 سيٽون ملڻ جي اميد آهي.

ڪراچي ايئرپورٽ تي وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا جي تصديق

ڪراچي(م ڊ ) سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي  سڃاڻپ ٿي آهي.صحت کاتي  سنڌ جي ترجمان ٻڌايو ته مختلف ملڪن  مان ڪورونا وائرس جا نوان ڪيسز سامهون اچڻ کان پوءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪراچي جي هدايتن تي پرڏيهه کان ملڪ ايندڙ مسافرن جي ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن ۾ وڌيڪ ٻن مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.ترجمان موجب قمرشهدادڪوٽ جو رهواسي 20 ورهين جو مسافر گذريل ڏينهن شارجه کان ڪراچي پهتو هو، ٻئي مسافر جو تعلق پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه سان آهي. مظفر ڳڙهه جو رهواسي 27 ورهين جو مسافر جده کان ڪراچي پهتو هو.ترجمان ٻڌايو ته ٻنهي مريضن ۾ امڪاني نشانين کي نظر ۾ رکندي ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ ڪيا ويا جيڪي مثبت آيا. جي اين وي جي جاچ جي لاءِ ٻنهي مريضن جا نمونا ڊائو يونيورسٽي جي ليبارٽري ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. ٻنهي مسافرن کي سختي سان ڪورنٽائن جي هدايت سان گڏ گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.صحت کاتي موجب ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪورونا جي قسم جي باري ۾ خبر پئجي سگهندي.  ياد رهي ته ان کان اڳ به پرڏيهه مان ايندڙ ٻن مسافرن ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي. جڏهن ته ليبارٽري ٽيسٽ جي رپورٽ چئن کان پنجن ڏينهن ۾ ملندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.