ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڌاڙيلن حوالي، هڪ رات ۾ 10 ڄڻا اغوا، ڌرڻو

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي/دليپ ڪيسواڻي) ڪشمور ڪنڌڪوٽ وري ڌاڙيلن حوالي، ڌاڙيلن جي وڏي ڪارروائي، انڊس ھاءِ وي  تان ھڪ ئي وقت مختلف گاڏين مان 9 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو،  تنگواڻي مان به چوڪيدار اغوا ٿي ويو، هڪ رات ۾ 10 ڄڻا اغوا ٿي ويا، بدامني خلاف سوين ماڻهن جو ڌرڻو، ڪشمور ڀرسان ملڪ لاڙو تي رات دير سان ھٿياربندن ٽولي ايندڙ ويندڙ مختلف گاڏين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ڪري خوف و حراس پکڙجي ويو گوليون لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا ھئا جن کي ڪشمور اسپتال نيو ويو جتان رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، ساڳي ھنڌ تي مختلف گاڏين مان 9 ڄڻن کي اغوا ڪري ويا جنهن ۾ گاڏي نمبر 3785 مان محمد عيفان بھاول نگر پنجاب، محمد اڪرم ھارون آباد پنجاب، گاڏي نمبر 407 مان محمد  الله ۽ محمد شاھد رحيم يار خان پنجاب، گاڏي نمبر 3184 مان ڪنڌڪوٽ واسي لياقت علي، لياقت چنه، غلام قادر ھاشمي جڏھن ته گاڏي نمبر 2748 مان خرم شھزاد، شعيب اغوا ٿي ويا، ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين جي پويان رواني ٿي، اغوا ٿيلن جي وارثن ۽ ڊرائيورن سري عام ڏوھارين جي ڪيل انڊس ھاءِ وي تي واردات خلاف ڪيترائي ڪلاس احتجاجي ڌرڻو ھڻي سنڌ کان پنجاب ۽ بلوچستان ڏي ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو، رستو بند ھجڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، گاڏين ۾ مسافرن سميت عملي کي به سخت سردي ۾ وڏي پريشاني مان گذرڻو پيو جڏھن ته تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان چوڪيدار مورخان گجراڻي کي به ڏوھاري ھٿياربند ٽولو اغوا ڪري کڻي ويا، هڪ ئي رات ۾ ڏھه ماڻھو اغوا ٿيڻ بعد ضلعي جي عوام ۾ خوف و حراس وارو ماحول پيدا ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.