ملڪ ۾ بجلي فراهمي نظام ايس اوپيز کان بغير هلائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ)ملڪي تاريخ جي بدترين بجلي جي بريڪ ڊائون جي جاچ هڪ سال کانپوءِ مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن موجب بجلي جي  ٽرانسميشن سسٽم کي ايس او پيز کانسواءِ ئي هلايو پيو وڃي.دستاويز موجب انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ بريڪ ڊائون جي سموري ذميواري 4 جونيئر آفيسرن تي مڙهي وئي آهي،2 ڊپٽي مئنيجر، هڪ شفٽ انچارج ۽ هڪ مئنيجر پاور ڪنٽرول سينٽر کي بريڪ ڊائون جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 3 هزار ارب رپين جو بجلي جو ٽرانسميشن سسٽم بغير ايس او پيز جي هلي رهيو آهي.واضح رهي ته 23 جنوري 2023 تي ملڪ ۾ بريڪ ڊائون کانپوءِ بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بحال ڪرڻ ۾ 20 ڪلاڪ لڳي ويا هئا.وفاقي ڪابينا بجلي جي بدترين بريڪ ڊائون جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.