فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي چاهين ٿيون : لياقت بلوچ

ڪراچي (رپورٽر ) جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته ڪراچي جي باشعور عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي ڪراچي جي سياست کي ملڪ جي پهرين قوت بڻائڻ گهرجي، عام چونڊن ۾ کين وڏو مينڊيٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ عوام لاءِ وڏو چيلينج آهي اسان جا نمائندا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ڪراچي جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندا. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري جون چونڊون ملڪ لاءِ اڻٽر آهن، حربن ۽ حيلن ذريعي عوام ۾ بي اعتمادي پکيڙي پئي وڃي، آئين جو تحفظ ضروري آهي. چونڊون منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون ٿيڻ گهرجن، چونڊن کي مينيج ڪرڻ جي ڪوشش قوم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي، قوم ڏٺو ته ڀٽو خاندان ۽ شريف خاندان جو منصوبو ناڪام ٿي ويو. لياقت بلوچ چيو ته  اڄ لکين ماڻهو گم آهن، فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي چاهين ٿيون، قومي قيادت کي هوش ۾ اچڻ گهرجي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي، قومي قيادت کي هڪ ايجنڊا تي گڏ ٿيڻ گهرجي. اسان جو مطالبو آهي ته ماضي وانگر ڪنهن لاڏلو نه بڻايو وڃي، ۽ رياست جي انڌي طاقت ذريعي عوام کي جمهوريت کان محروم نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.