بنگلاديش چونڊون: حسينا واجد جا پنجون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ جا چٽا امڪان

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا واجد پنجون ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ پرعزم نظر اچي رهي آهي جڏهن ته مخالف ڌر عام چونڊن  جو بائيڪاٽ ڪيو هو. شيخ حسينا اهڙي ملڪ جي معاشي ترقي جي اڳواڻي ڪري رهي آهي جيڪو هڪ ڀيرو غربت ۾ مبتلا هو، پر سندس حڪومت تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ اپوزيشن تي ظالماڻو ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. بنگلاديش ۾ چونڊن جي شروعاتي نتيجن ۾ شيخ حسينا جي حڪمران پارٽي عوامي ليگ ۽ ان جي اتحادين لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. ملڪ جي سڀ کان وڏي خانگي نشرياتي اداري موجب جن 114 سيٽن جو اعلان ڪيو ويو آهي، انهن مان حڪمران پارٽي 93 ۽ ان جي اتحادي قومي پارٽي 4 سيٽون کٽيون آهن، جڏهن ته باقي 17 سيٽون آزاد يا ٻين اتحادي قانون سازن حاصل ڪيون آهن. بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان شڪيب الحسن به فاتح رانديگرن ۾ شامل آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر حبيب الاول صحافين کي ٻڌايو ته ابتدائي انگن اکرن جي بنياد تي ووٽر ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.