ذولفقار علي ڀٽو قتل ڪيس تي صدارتي ريفرنس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موت واري سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي اڄ مقرر ڪئي  وئي آهي، چيف جسٽس ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ اڄ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي،  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اپريل 2011 ۾ صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو متعلق صدارتي ريفرنس تي هن وقت تائين سپريم ڪورٽ ۾ 7 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، صدارتي ريفرنس تي پهرين ٻڌڻي 2 جنوري 2012، جڏهن ته 11 سال اڳ آخري ٻڌڻي 12 نومبر 2012 تي ئي ٿي هئي، جنهن بعد وڌيڪ ڪيتريون ئي ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.