پنجاب ۾ سخت ڪوهيڙو، ايئرپورٽن تي وڌيڪ 22 اڏامون معطل

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ڌنڌ جي ڪري ايئرپورٽس تي غير يقيني واري صورتحال برقرار، وڌيڪ 22 اڏامون معطل ٿي ويون، پنجاب ۽ ڪي پي  ڪي ۾ ڌنڌ جي ڪري لاهور، اسلام آباد، پشاور، ملتان ۽ ڪراچي کان 22 اڏامون معطل ٿي ويون، ملڪ جي سمورين ايئرپورٽس تي پرڏيهي کان اڏامن جي آمد ۽ روانگي ۾ دير ٿي رهي آهي، نئين سال جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جون 250 اڏامون معطل ۽ ڪيتريون ئي متاثر رهيون، جده کان ملتان جي پي آءِ اي جي اڏام لاهور لاٿي وئي، جڏهن ته پشاور کان جده، رياض، مسقط، بحرين ۽ دوحا جون 6 اڏامون روانيون نه ٿي سگهيون، اهڙي طرح پشاور کان دوحا، دبئي، ابوظهبي، مسقط ۽ بهرين جون ڪالهه 7 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.