منهنجو ڪيس سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيو: طيبه گل

اسلام آباد (م ڊ) نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال تي حيسائڻ جو الزام هڻندڙ طيبه گل الزام لڳايو آهي ته منهنجو ڪيس  سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيو ۽ ان جو فائدو پي ٽي آءِ ورتو، پي ٽي آءِ حڪومت منهنجي ڪيس مان فائدو وٺي نيب جا ڪيس ختم ڪرايا، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي طيبه گل جو چوڻ هو ته 2022 ۾ محتسب اداري ۾ جاويد اقبال ۽ ٻين خلاف شڪايت ڪئي، 2022 ۾ چيئرپرسن ڪشماله طارق منهنجي ڪيس کي سنجيده نه ورتو، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني وزيراعظم هو ته وزيراعظم هائوس کان ڪال آئي ته هو ملڻ چاهي ٿو، 45 ڏينهن مرضي کانسواءِ مون کي مڙس سميت وزيراعظم هائوس ۾ قيد ۾ رکيو ويو هو، پي ٽي آٰءِ کي ڊرپ هو ته ٻاهر ويس ته حقيقتون سڀني کي معلوم ٿي وينديون، ڪا به مدينه جي رياست نه هئي، ماڻهن کي بيوقوف بڻايو ويو، مون کي 45 ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ رکيو ويو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون، مون کان پي ٽي آءِ حڪومت بلينڪ بيان حلفي ورتو هو، پي ٽي آءِ باني  جي نوٽيس ۾ معاملو هو، مون کي انصاف ڪٿي به نظر نه آيو، مون وزيراعظم هائوس ۾ هراسان ڪيو ويو، مون وٽ ثبوت آهن، پي ٽي آءِ حڪومت ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.