پيرن ۽ جاگيردارن مان ڇوٽڪاري لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي: سانا ڪانفرنس

ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ) سانا ڪانفرنس ۾ مقررن واضع ڪيو ته سنڌ ۾ معاشي وسيلا هجڻ باوجود هٿ وٺي عوام کي غربت مان نه ڪڍيو ويو، 75 سالن ۾ ترقي بدران غربت ۾ هٿ وٺي ڇڏيو ويو، هاڻي پيرن ۽ جاگيرداري نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت ڪرڻي پوندي، صدارتي خطاب ڪندي معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته پاڪستان ۾ 75 سالن ۾ غربت جو خاتمو، تعليم جي فراهمي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي ممڪن نه بڻائي سگهيا آهيون، ملڪ ۾ پئسو آهي پر هٿ وٺي عوام کي انهن سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي، هن چيو ته عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ وڏي معاشي سگهه آهي پر سندن عاليشان بنگلن ٻاهران غربت عام آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي، پر اهو سياسي طاقت نه آهي، هتي چونڊيل نمائندا پيڙهين کان قابض آهن ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندا پيا وڃن، جاگيرداري ۽ سيدن جو نظام خلاف بغاوت ڪرڻي پوندي، ان سان ئي نظام تبديل ٿيندو.  سنڌ ۾ انساني ترقي سيشن واري سانا سنڌ ڪانفرنس ڳالهائيندي  سانا اڳواڻ اعجاز ترڪ چيو ته سنڌ ۾ هر طرف جهالت ۽ تباهي نظر اچي ٿي، مذهبي جنونيت ۽ حڪومت جو فقدان آهي، ڏوڪري جي نوجوان تعليمدان شفيق انصاري چيو ته سانا اسڪالرشپ ذريعي تعليم حاصل ڪئي هاڻي پنهنجي ڪٽنب جي مدد ڪيان پيو، نوجوانن کي ترقي لاءِ تنظيم به ٺاهي آهي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ انساني ترقي تي ڳالهائيندي محمود نواز شاهه چيوته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود خوراڪ جي کوٽ وارن مسئلن کي منهن ڏئي پيو، پاڪستان عالمي، زرعي ۽ وڌندڙ آبادي جي چئلنجز کي منهن ڏئي پيو، مسئلن جي باوجود عوام اٽي يا ٻين شين جي اگهن وڌڻ تي نه آواز ۽ نه وري ڪو سوال اٿاري ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي پر چانور ايڪسپورٽ ڪيا ويا، خوراڪ جي کوٽ جا مسئلا مقامي سطح تي ويهي حل ڪرڻا پوندا، اهو طئه ڪرڻو پوندو ته زراعت کي ڪيئن ترقي وٺرائجي، سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ انساني ترقي بابت ڳالهائيندي دانشور ۽ تحقيقدان نصير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ کان اڳ به تباهي هئي، انساني ترقي نه هئي، عالمي اداري جي رپورٽ موجب ٻوڏ کان اڳ سنڌ ۾ 60 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، بدين ۾ 75 سيڪڙو، جيڪب آباد ۾ 71 ۽ ميرپورخاص ۾ 70 سيڪڙو ڪچا گهر هئا، اسان 75 سالن ۾ سنڌ جا اها ترقي ڪري سگهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سوال ڪروڙ ماڻهو 6 مهينن لاءِ بي گهر ٿيا، ان کي قدرتي تباهي ۾ نه ٿو ڳڻي سگهجي، صحت جي حوالي سان سرڪاري انگن موجب 5 لک مليريا ڪيس ۽ عوام موجب 10 لک کان وڌيڪ مليريا ڪيس ٿيا، عوام جي تحفظ لاءِ سرڪار وٽ ڪو به پلان نه آهي، هن چيو ته ٻوڏ بعد ساڍا 6 لک ڳورهاريون عورتون دربدر ٿيون انهن جو ڪو رڪارڊئي نه آهي ته انهن جو ڇا ٿيو، پيئڻ جو پاڻي صاف نه آهي، 75 سالن ۾ جوڙيل اسڪولن مان ٻوڏ دوران 40 سيڪڙو اسڪول تباهه ٿي ويا، 20 لک گهر تباهه ٿيا، هاڻي حڪومت 20 لک گهر ٺاهڻ جو پلان جوڙيو آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سنڌ ترقي ۾ 20 سال پوئتي هلي وئي آهي، ان ڪري حڪومت کي ڪانٽريڪٽي نظام ختم ڪري عوام کي پاڻ سان ملائي ڪم ڪرڻو پوندو نه ته ترقي نه ٿيندي.تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته عوام کي اهو هاڻي سوچڻ گهرجي ته تعليم ڇا لاءِ، ٻار اسڪول ڇو داخل ڪيون، انهن سوالن اٿارڻ ۽ انهن تي سوچڻ سان مسئلن جا حل به نڪري ايندا، هن چيو ته اسڪول بند هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي پر اهو نه ٻڌايو ويو ته 36 هزار اسڪول هلن پيا، 43 لک ٻار تعليم پرائن پيا، هڪ لک کان وڌيڪ استاد تعليم به ڏين پيا، هن چيو ته اسان تعليم پهچائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهيون، تعليم لاءِ ايڪو نظام آڻڻو پوندو، رڳو گوسڙو ٽيچرن تي ڳالهائڻ بدران سڌارن ڌانهن وڌڻ گهرجي، تعليمي نظام کي 6 مهينن ۾ درست ڪري سگهجي ٿو، ان ڪري ٽي اوز بدران هيڊ ماسترن تي ڪم ڪجي، ڳوٺاڻن کي پاڻ اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي، اسڪول ٺهرائڻ کان وٺي انهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.