اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ،ڪو به بحران ناهي: نگران وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب عمر حميد طبعيت ۾ ناسازي سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اڃا تائين اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ منظور ناهي ڪئي.عمر حميد جو ٻن سالن جو ملازمت جو مدو گذريل سال جولاءِ ۾ ختم ٿيو هو پر چيف اليڪشن ڪمشنر سندس ملازمت جي مدي ۾ هڪ سال واڌ ڪئي هئي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي استعيفيٰ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون ويجهو آهن.هوڏانهن اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد جي استعيفيٰ جي خبر تي اليڪشن ڪميشن ترجمان وضاحت جاري ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن ترجمان پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڪورونا سبب موڪل تي آهي ۽ ان جي استعيفيٰ بابت ڪا اپ ڊيٽ ناهي.هن چيو ته عمر حميد هڪ ذهين ۽ محنتي آفيسر آهي، جيڪو بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سندس طبعيت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي ۽ هن وقت ميڊيڪل ريسٽ تي آهي، کيس صحت اجازت ڏني ته جلد پنهنجا فرض انجام ڏيندو.سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور فعال آهي ۽ ان جي ڪنهن به ڪم ۾ رنڊڪ ناهي، موڪلن جي ڏينهن ۾ به اليڪشن ڪميشن جون آفيسون کليل آهن ۽ سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ اسپيشل سيڪريٽري سٺي طريقي سان ڪم هلائي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اليڪشن ڪنهن جي دٻاءُ سبب استعيفيٰ ناهي ڏني، سندس استعيفيٰ جو سبب خراب صحت آهي.واضح رهي ته عمر حميد خان کي جولاءِ 2021ع ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيو ويو هو. ان کان اڳ هو سيڪريٽري فوڊ هو. هو هڪ تجربيڪار آفيسر آهي ۽ ناڻي واري وزارت ۽ ڪابينا ڊويزن ۾ اهم عهدن تي رهيو آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر اڃا تائين عمر حميد خان جي استعيفيٰ قبول ناهي ڪئي.واضح رهي ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي استعيفيٰ جون خبرون اهڙي وقت سامهون آيون آهن جڏهن ملڪ ۾ عام چونڊن ۾ صرف هڪ مهينو باقي آهي.

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي اليڪشن ڪميشن جو اعلان پوسٽ  ڪيو ۽ چيو ته افواهن تي ڌيان نه ڏيو، اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري واقعي بيمار آهي. اسان دعا ڪريون ٿا ته الله تعاليٰ کيس جلد ۽ مڪمل صحتيابي عطا فرمائينگران اطلاعات واري وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي فعال آهي ۽ ڪنهن به قسم جو بحران ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.