سنڌي اديب معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن: احمد شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي  اطلاعات، اقليتين واري معاملن ۽ سماجي تحفظ واري نگران وزير ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي صدر محمد  احمد شاهه سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌ ڪانفرنس 2024  ۾ خاص شرڪت ڪئي. سانا سنڌ ڪانفرنس آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران صوبائي وزير ۽  محمد احمد شاهه ڪانفرنس کي  خطاب ڪندي چيو ته اسان هتي انساني حقن بابت ڳالهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. سنڌي اديب به اسان جي معاشري جي بهتري لاءِ  پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محمد احمد شاهه چيو ته نوجوان ملڪ کي ترقي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا،  سنڌي نوجوانن کي گھڻو متحرڪ ڏسي رهيا آهيون اهي هر شيءِ تي گهري نظر رکن ٿا. محمد احمد شاهه چيو ته آءِ ٽي جي شعبي سان ڳنڊيل رهي نوجوان نسل ملڪ کي ترقي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿا. سنڌ اطلاعات کاتي واري نگران وزير چيو ته سنڌي نوجوان نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا جي ماڻهن کي پاڻ سان ڳنڍڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي مشهور ماڻهن کي جنم ڏنو آهي.هوسٽن ، اينجلس سميت آمريڪا جي ٻين حصن ۾ به سنڌي برادري سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.