ڪنهن به ڌر پاران چونڊون نه ٿيڻ جو اشارو ناهي مليو: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ  جي قرارداد تي وفاقي حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊون ڪرائڻ يا اهي ملتوي ڪرڻ جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد تي دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو، وزيراعظم يا ڪابينا طرفان چونڊون ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان ڪو حڪم نه هو، اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون.سندس چوڻ هو ته قرارداد ۾ حقيقي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن، پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ به موجود رهيا، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر ڪنهن تڪ مان اهڙو اشارو ناهي مليو ته چونڊون ملتوي ٿيڻ گهرجن.

نام نهاد ٺهراءُ ڪنهن جماعت جي نمائندگي نه ٿو ڪري: سينيٽر عرفان صديقي

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ جي منشور ڪاميٽي جي   يئرمين سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ  جو نام نهاد ٺهراءُ سينيٽ ۾موجود ڪنهن جماعت جي نمائيندگي نٿو ڪري، پنهنجي بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته  100 جي ايوان ۾ 7-8 سينيٽر جي راءِ کي مٿي ايوان جي راءِ قرار نٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته مسلم ليگ ن نه ته ان کي سينيٽ جو آواز سمجهي ٿي، نه ئي  چونڊن جو نه ئي چونڊون پٺتي ٿيڻ ملڪي مفاد ۾ آهن.

اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت ٺهراءُ، جمهوريت خلاف سازش آهي: جماعت اسلامي

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حق ۾ سينيٽ جي ٺهراءُ کي ملڪ ۽  جمهوريت خلاف سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پنهنجي بيان ۾ جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته جمهوريت جي گاڏي پٽڙي تان لاٿي وئي ته ان کي ڪير ٽريڪ تي چاڙهيندو، هن چيو ته بدامني جي ڪري اليڪشن ملتوي ڪرڻ بدامني پکيڙيندڙن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هوندو، هن چيو ته ملڪ ۾ امن استحڪام شفاف ۽ بر وقت اليڪشن سان ئي ايندو، شفاف اليڪشن جي ذريعي پنهنجا نمائنده چونڊڻ عوام جو حق آهي ۽ عوام کي ڪنهن به صورت ۾ ان بنيادي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.