چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد خلاف سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمدخان چيو آهي ته سينيٽ مان پاس ڪيل قرارداد جمهوريت ۽ چونڊن تي حملو آهي.  سينيٽ جي بي عزتي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي چهري تي ڪارپ ملي وئي آهي،هي ٺهراءُ غير آئيني آهي. پاڪستان جي سينيٽ مان اهڙو ڪو به ٺهراءُ پاس نٿو ڪري سگهجي جيڪو آئين جي خلاف هجي چونڊون منعقد ڪرڻ آئيني گهرج آهي جيڪا نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو فيصلو اچي ويو آهي ۽ اليڪشن جي تاريخ به مقرر آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون،امن امان ۽ موسم جي صورتحال کي بنياد بڻائي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي جيڪا قرارداد سينيٽ آف پاڪستان منظور ڪئي آهي اها غيردستوري ۽ غيرجمهوري آهي،سينيٽ کي دستور کان مٿانهين اهڙي ڪنهن قدم جو اختيار ناهي، هن چيو ته ان ٺهراءُ جي مذمت ڪريان ٿو، اڄ سينيٽ آف پاڪستان ۾ ان خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، نگران حڪومت، غير جمهوري قوتون اليڪشن کان ڀڄي رهيون آهن. اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو سمورو فائدو غير جمهوري قوتن کي ملندو. اليڪشن ملتوي ٿيڻ سان ملڪ جي سياست، جمهوريت، آئين، اتحاد ۽ سالميت تي خطرناڪ اثر پوندا.ليول پليئنگ فيلڊ سمورين سياسي پارٽين کي ڏني وڃي ۽ سينيٽ ۾ اليڪشن التوا جي حوالي سان جيڪا قرارداد منظور ٿي آهي ان کي ڪالعدم تصور ڪيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.