سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور،چونڊ شيڊول تي فرق نه پوندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ ) سينيٽ ملڪ ۾ اٺ فيبروري تي رٿيل عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءَ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.سينيٽر دلاور خان عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءِ پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي  ته اڪثر علائقن ۾ سخت ٿڌ آهي، انڪري انهن علائقن جي چونڊ عمل ۾ شرڪت ڏکي آهي،قرارداد موجب سينيٽ اها اميد رکي ٿو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري سمورين سياسي پارٽين سان مشاورت ڪندي، سمورن صوبن جي ماڻهن لاءِ چونڊ عمل ۾ شرڪت لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، .سينيٽر دلاور خان چيو ته آئين موجب شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.هن چيو ته جي يو آءِ ( ف ) جي ميمبرن ۽ محسن داوڙ تي به حملو ٿيو، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ٿيا آهن جڏهن ته ايمل ولي خان کي  به ڳڻتي آهي.سندس چوڻ هوته اليڪشن ريلي دوران ڳجهي ايجنسين جا ٿريٽ الرٽ آهن، انڪري اٺ فيبروري تي رٿيل چونڊ ملتوي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرائڻ تي عمل ڪري جنهن وقت ووٽنگ ٿي ان وقت 104 ميمبرن جي ايوان ۾ رڳو 14 سينيٽر موجود هئا يعني ووٽنگ لاءِ ڪورم ئي موجود نه هو، ٻن سينيٽرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، انهن جو تعلق پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان آهي، .ن ليگ جي سينيٽر افنان الله ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته دلاور خان جي سبب کي درست ڪرڻ چاهيان ٿو، ملڪ ۾ سيڪيورٽي حالت ٺيڪ ناهي پر ٻه هزار اٺ ۽ ٻه هزار تيرنهن ۾ حالتون وڌيڪ خراب هيون، سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي چونڊون ملتوي ڪنداسين ته ڪڏهن به اليڪشن نه ٿيندي.افنان الله جو چوڻ هو ته ڇا ٻي مهاڀاري جنگ دوران برطانيا ۽ آمريڪا چونڊون ملتوي ڪيون؟، موسم جو بهانو بڻايو پيو وڃي، فيبروري ۾ ٻه ڀيرا اليڪشنا ملتوي ٿي چڪي آهي.ان کانسواءِ سڌ سماءُ واري وزير مرتضيٰ سولنگي به ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي پر سينيٽ اٺ فيبروري تي ملڪ ۾ شيڊيول عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف، پ پ،مسلم ليگ نواز ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين وڏين پارٽين ان قرارداد کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي، وڪيل ۽ قانوني ماهر اسد رحيم بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ مان منظور ڪيل قرارداد جي ڪا به قانوني يا اخلاقي حيثيت ناهي، سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ دير جي ڪيس ۾ 8 فيبروري تي چونڊن جي حوالي سان فيصلو ڏئي چڪي آهي، صحافي سلمان غني چيو ته سينيٽ مان اهڙي قرارداد سامهون اچڻ مان اهو اشارو ملي ٿو ته ڪو اهڙو مائنڊ سيٽ آهي جيڪو چونڊون نٿو چاهي ۽ ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول برقرار رکڻ چاهي ٿو، چيف جسٽس کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ان مائنڊ سيٽ کي وائکو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان جي چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ چاهين ٿيون، هن سوال اٿاريو ته ڪجهه ڏينهن يا مهينا اليڪشن ملتوي ڪرڻ سان ڇا پاڪستان مان دهشتگردي ختم ٿي ويندي؟

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته اسان سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد جي حمايت ناهي ڪئي.پ پ اڳواڻ شيري  رحمان بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ جي حمايت ناهي ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته اسان وقت تي چونڊون چاهيون ٿا، پ پ وقت سر شفاف چونڊون چاهي ٿي.هن چيو ته چونڊن لاءِ 8 فيبروري جي تاريخ سپريم ڪورٽ ڏني آهي، اسان جون چونڊن جي حوالي سان تياريون مڪمل آهن، چونڊن لاءِ سمورن اميدوارن کي فائنل ڪري ورتو آهي.سندس موجب قرارداد رڳو 14 سينيٽرن جي موجودگي ۾ پيش ڪيو ويو، ڪورم پورو نه هو، اسان جي سينيٽر ان جي مخالفت ڪئي آهي، جيڪڏهن ان جي مخالفت واضح نه هئي ته پارٽي ان کان وضاحت گهرندي. سيڪيورٽي جو اشو آهي ته پ پ 2007ع ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار رهي، ان جي باوجود ملڪ ۾ چونڊون ٿيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.