چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ ٺهراءُ جي ڪا حيثيت ناهي: سپريم ڪورٽ بار

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن  چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ جي ٺهراءُ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ ٺهراءُ جي ڪا حيثيت ناهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري علي عمران شاهه موجب سينيٽ جي قرارداد جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. هن چيو ته سينيٽ ۾ ڪورم پورو نه هو، سينيٽ ۾ 14 ميمبر به ويهي اهڙي قرارداد پاس نٿا ڪري سگهن.

اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ جو نوٽيفڪيشن جاري، رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ  جو نوٽيفڪيشن جاري، 2 مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ اليڪشن متعلق ٺهراءُ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ جي ڪاپي صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم، اليڪشن ڪميشن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ ٻين کاتن کي موڪلي وئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ وزارت پارلياماني معاملن کي فوري ڪارروائي ڪري ٻن مهينن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اليڪشن شيڊول فوري تبديل ڪري، ياد رهي ره سينيٽ ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

چونڊون ملتوي بابت سينيٽ ٺهراءُ آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ جي ٺهراءَ کي غير آئيني،   غير قانوني ۽ غير جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو. تحريڪ انصاف اڳواڻ بئريسٽر گوهر چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءِ جي منظوري تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڪجهه سياسي جماعتن طرفان سينيٽ جي فلور ذريعي عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش آئين ۽ جمهوريت تي حملو آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته دستور تحت مقرر ڪيل 90 ڏينهن ۾ صاف شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، غير آئيني ۽ غير قانوني ٺهراءَ جي منظوري عدالت عظميٰ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ۽ توهين عدالت آهي، تحريڪ انصاف عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ چونڊن ۾ دير سان ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ فوري طور نوٽيس وٺندي اهڙيون ڪوششون روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.