سينيٽ گيلري ۾ سينيئر ليگي اڳواڻ ۽ پ پ جي عورت سينيٽر فون تي ڳالهائڻ بعد اوچتو گم

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ٿيڻ کانپوءِ سينيئر صحافي حامد مير ۽ اينڪر پرسن شاهزيب خانزاده پنهنجا تجزيا پيش ڪيا آهن.جيو نيوز سان ڳالهائيندي حامد مير چيو ته قرارداد پاس ٿيڻ کان اڳ مان پارليامينٽ هائوس ۾ موجود هئس ۽ قرارداد پاس ڪرڻ وارا سمورا سينيٽر قرارداد پاس ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ سينيٽ چيئرمين جي آفيس ۾ موجود هئا. ڪنهن کي خبر نه هئي ته اهڙي قرارداد اچي رهي آهي.هن چيو ته قرارداد جي حمايت ڪندڙ سمورا سينيٽر چئي رهيا هئا ته سينيٽ اليڪشن ملتوي نه ڪئي وڃي پر سينيٽر افنان الله چئي رهيو هو ته منهنجي خيال ۾ ڪا سازش ٿي رهي آهي.حامد مير چيو ته پرنس عمر ٻڌائي رهيو هو ته سندس ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن ۽ هو اليڪشن جي تياري ڪري رهيو آهي ۽ منظور ڪاڪڙ به چئي رهيو هو ته هن اليڪشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ اقليتي ميمبر خاموش ويٺو هو پر پوءِ اوچتو ئي چيئرمين سينيٽ مٿي هليو ويو. ايوان ۾ صرف 14 ميمبر هئا، جن مان 12 ميمبرن قرارداد جي حمايت ڪئي جڏهن ته سينيٽر افنان الله قرارداد جي مخالفت ڪئي. جن سينيٽرن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي آهي، انهن جو تعلق فاٽا ۽ بلوچستان سان آهي ۽ انهن سمورن سينيٽرن جو تعلق ننڍين سياسي پارٽين سان آهي.سينيئر تجزيه نگار چيو ته سينيٽ مان ٺهراءُ پاس ڪرڻ وارا پاڻ لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن به قرارداد پاس ڪئي ان واقعي هڪ سازش ڪئي آهي، هنن چيف جسٽس جي ڪنن ۾ اها ڳالهه هنئي آهي ته اوهان جا لفظ پٿر تي لڪير ناهن، جيڪڏهن چونڊون وقت تي نه ٿيون ته پوءِ چيف جسٽس جو حڪم ڪير مڃيندو؟تجزئي نگار شاهزيب خانزاده ان قرارداد تي تجزيو پيش ڪندي چيو ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري قرارداد دراصل اليڪشن ملتوي ڪرائڻ ڪنهن جي خواهش ۽ سازش آهي، جنهن جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي.هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو سبب سڪيورٽي جي صورتحال کي قرار ڏنو پيو وڃي ته پوءِ محترمه جي شهادت کانپوءِ صورتحال وڌيڪ خراب هئي.2013ع  ۾ به حالتون خراب هيون،هن چيو ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ لاءِ موسم ۽ سيڪيورٽي سببن کي عذر نٿو بڻائي سگهجي،حامد مير چيو ته مون کي هڪ سينيٽر ٻڌايو ته بلوچستان ۾ مخلوط حڪومت ايندي، هن جو خيال هو ته صادق سنجراڻي وڏوزارت جو اميدوار هوندو،صادق سنجراڻي وٽ هڪ شخص آيو جنهن بعد چيئرمين سميت سمورا سينيٽر ايوان اندر هليا ويا، اوچتو سينيٽ جو اجلاس ٿيو،پ پ ۽ ن ليگ جا سينيٽر گيلري ۾ بيهي هڪ ٻئي سان سرگوشين ۾ صلاح مشورا ڪري رهيا هئا، هڪ سينئير ليگي اڳواڻ فون تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي ايوان مان هليو ويو،پ پ جي هڪ عورت سينيٽر به فون تي ڪنهن سان ڳالهائي رهي هئي، نئين قرارداد آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران سينيٽ چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏي،وچونڊون ملتوي ڪرائڻ جي سازش بري طرح ناڪام ٿي وئي، سمورين وڏين پارٽين ان قرارداد جي مذمت ڪئي آهي،هن قرارداد جي ڪا به آئيني،قانوني حيثيت ناهي، سينيٽ ۾ سمورن صوبن جي برابر نمائندگي آهي، هن ايوان کي سازش جي آمجگاهه بڻائڻ شرمناڪ آهي،اهي سينيٽر جن جو تعلق بلوچستان يا فاٽا  سان آهي، اهي جڏهن اليڪشن وڙهڻ ويندا انهن جي پنهنجي تڪن ۾ ڪهڙي ساک بچي آهي،بهره مند مخالفت ڪئي آهي ته ان جو کيس ثبوت ڏيڻو پوندو، اسان کي ته هن جي مخالفت نظر نه آئي، ن ليگ جي سينيٽر افنان الله ان قرارداد جي مخالفت ڪئي جنهن تي بي اي پي جا سينيٽر هن تي هوٽنگ ڪري رهيا هئا،پي ٽي آءِ جو سينيٽر گرديپ سنگهه افنان الله خان جي حمايت ڪري رهيو هو،بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽرن آزاد سينيٽرن سان گڏجي قرارداد ته منظور ڪرائي ڇڏي انهن جي ان حرڪت کانپوءِ پ پ،ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪ آواز بڻيل آهن، انهن سينيٽرن ٽنهي پارٽين کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي،سينيٽ چيئرمين تي وڏو دٻاءُ هو ته هو نواز ليگ ۾ وڃي، پ پ ۾ وڃو پر هو نه ويو، هن جو خيال هو ته بلوچستان عوامي پارٽي ختم نه ڪندس، اڄ خبر ناهي هن تي ڪهڙو دٻاءُ پيو جو 14 سينيٽرن جي مدد سان قرارداد منظور ڪرائي،هن کي جتان پريشر آيو اهو هو برداشت نٿو ڪري سگهي، بلوچستان سان تعلق رکندڙ تي غداري جو الزام هڻڻ سولو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.