عوام کي ملڪ ۽ فوج خلاف ڀڙڪائڻ جو الزام، خيرپور ۾ ماهه رنگ بلوچ تي ڪيس داخل

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور جي وڏا ماڇيون ٿاڻي تي اسلام آباد ۾ بلوچ جي آزادي لاءِ ڌرڻو ھڻندڙ ماهه رنگ بلوچ تي پوليس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي وڏا ماڇيون ٿاڻي تي ايس ايڇ او وڏا ماڇيون سرفراز کوسو جي فرياد تي ماهه رنگ بلوچ تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنھن ۾ ڪيس جو متن آهي ته ماهه رنگ بلوچ ملڪ جي گادي واري ھنڌ اسلام آباد ۾ 300 ماڻهن سميت ڌرڻو هڻي ماڻهن کي ملڪ ۽ ملڪ  جي فوج خلاف اڪسائي رهي آهي ۽ ماهه رنگ بلوچ به منظور پشتين وانگر ڏڦيڙ پکيڙي رهي آهي،  ٻئي پاسي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ خلاف خيرپور ميرس سنڌ ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي مذمت ڪندي سيد اينڊ ايوسيئيٽس لا چيمبر خيرپور ميرس سنڌ جي سينيئر سپريم ڪورٽ جي وڪيل جعفر علي شاهه ماهه رنگ جو ڪيس وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.