سنڌ جو عوام ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سان گڏ آهي: سوشل ميڊيا

ڪوئيٽا(م ڊ) حق ڏيو تحريڪ بلوچستان جي مرڪزي ماهيگير سيڪريٽري نعيمه زهري چيو آهي ته خيرپور سنڌ ۾ ماه رنگ بلوچ خلاف داخل ايف آءِ آر ڊاڪٽر مه رنگ بلوچ خلاف داخل ايف آءِ آر جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان ايف آءِ آر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سينيئر صحافي عاجز جمالي چيو آهي ته ماه رنگ بلوچ خلاف ننڍن وڏن شهرن ۾ به ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. خيرپور جي وڏا ماڇيون ٿاڻي ۾ پوليس اهلڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ جو عوام ماهه رنگ بلوچ سان گڏ آهي. ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي مذمت ڪيون ٿا.حق ابڙو لکيو ته قوم ۾ ڪجھ بي ضمير  ماڻهو به هوندا آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي نياڻين مٿان FIR ٿا ڪٽرائين ،رميش ڪمار لکيو ته بلوچستان جي راڻي ماھرنگ بلوچ تي سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ انسپيڪٽر سرفراز کوسو پاران ڪيس داخل. افسوس اهو ڪارو داغ به سنڌ کنيو.وينگس لکيو ته جيڪي سمجهن ٿا ته اهڙي ايف آءِ آر سان سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ڪرائي سگهندا اهي ڀل ۾ آهن،سنڌين ۽ بلوچن جا پاڻ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن،سنڌي ماه رنگ بلوچ جي حمايت جاري رکندا،وجاهت حسين لکيو ته مظلومن مٿان پرچا سنڌ مان ئي ڪٽرائڻ پويان اسٽيبلشمينٽ جي چال آهي ته  هڪ مظلوم کي ٻي سان نفسياتي طور نفرت ڪرائي ڌار ڪري سگهجي. جڏهن علي وزير کي پاڪستان جي ايسٽبلشمنٽ گرفتار ڪرايو ته  پي ٽي ايم سنڌ اسيمبلي جي اڳيان ڌرڻو هنيو، مجموعي طور اھو تاثر ڏنو ته سنڌ مان گرفتار ٿيو آھي ذوالفقار سنڌي لکيو ته بلوچستان کان پيري پند مارچ کڻي اچي اسلام آباد ھن سرد راتن ۾ پنهنجي جائيز مطالبو کڻي ويٺل بھادر نياڻي مٿا ايف آئي آر ڪٽڻ لاء شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.