تاحيات نااهلي بابت فيصلو محفوظ، آئين کي ايترو نه منجهايو جو ماڻهن جو ارواح ئي کڄي وڃي:چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي ڪيس جو فيصلو ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته آئين کي ايترو نه منجهايو جو ماڻهن جو ارواح ئي کڄي وڃي. سياستدانن جي تاحيات نااهلي جو مدو مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان بنيادي آئيني حقن ۽ تاريخ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، اسان فيصلو ڪيو آهي ته چونڊن بابت انفرادي ڪيس نه ٻڌنداسين، اسان آئيني تشريح بابت ڪيس ٻڌنداسين، چونڊن بابت افرادي ڪيس ايندڙ هفتي ڪنهن ٻي بئنچ ۾ لڳائينداسين. چيف جسٽس چيو ته اسان نااهلي ڪيس ۾ پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو پر ڪا هڪ سياسي جماعت ڌر نه بڻي، پاڪستان جي عوام جو ڪنهن کي خيال ناهي، ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو ڪجهه ناهي ٿيندو، نامزدگي ڪاغذن ۾ هڪ غلطي تاحيات نااهل ڪري ڇڏيندي آهي، ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياستدانن جي اهڙي ٽيسٽ ٿيندي آهي؟ ڇا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ اهڙي سخت ٽيسٽ ٿيندي آهي؟ چيف جسٽس چيو ته سڄي ملڪ کي تباهه ڪندڙ 5 سالن بعد اهل ٿي وڃي ٿو، ڪير قتل ڪري وارثن سان ٺاهه ڪري ته معاملو ختم ٿي ويندو آهي.  چيف جسٽس سوال ڪيو ته  نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪجهه غلط ٿي وڃي ته اهو تاحيات نااهل ڪيئن ٿئي ٿو؟ تاحيات نااهلي جي ڪا ته منطق هجڻ گهرجي؟  چيو ويو ته عام قانون سازي آئيني  ترميم جو رستو کولي سگهي ٿي،  نيب قانون ۾ به سزا 10 سال ڪرائي  وئي، آئين وڪيلن لاءِ نه ملڪ جي  عوام لاءِ آهي، آئين کي آسان بڻايو وڃي، ايترو مشڪل نه بڻايو ته ماڻهن جو اعتماد ئي کڄي وڃي. سپريم ڪورٽ درخواستگذار، اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ تاحيات نااهلي جي حوالي سان آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جو شارٽ آرڊر اڄ جاري نه ڪنداسين، ڪوشش آهي ته مختصر حڪمنامو جلد کان جلد ٻڌايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.