ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، عمارتن کي ڏار

اسلام ڪوٽ/ مٺي ( نمائندن وٽان) ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، عمارتن کي ڏار، عمارتن جا چاپڙ ڪري  پيا، ماڻهو خوف وچان ٻاهر نڪري آيا، مٺي، ننگرپارڪر ۽ اسلام ڪوٽ سميت ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صبح سوير 9:08 ڌاري تيز آواز سان 5 سيڪنڊن تائين زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، وڏي آواز ۽ جهٽڪن سبب ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، عمارتن کي ڏار پئجي ويا ۽ زبون بڻيل بلڊنگن جا چاپڙ ڪري پيا، ڳوٺ ڪهيڙي جي اسڪول ۾ بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد ڪلاسن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ محفوظ رهيا، زلزلي جي جهٽڪن سبب خوف حراس پکڙجي ويو، ماڻهو الله پاڪ کان دعائون گهرندي نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.