اسلام آباد ۾ سني علما ڪائونسل جو اڳواڻ قتل

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا مسعود الرحمان عثماني مارجي ويو.پوليس ذريعن موجب اسلام آباد جي غوري ٽائون ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا مسعود الرحمان عثماني ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.سني  علماءِ ڪائونسل ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ زخمي مولانا مسعود الرحمان مارجي ويو. پوليس موجب مولانا مسعود الرحمان سني علماءِ ڪائونسل جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري هو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.