ڪراچي، ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، ماءُ ۽ ڌيءُ قتل

ڪراچي/ ملير (رپورٽر)ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ اڻڄاتل جوابدارن پاران گهر ۾ گهڙي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ماءُ ۽ ڌيءُ قتل، ملير  جي علائقي ابراهيم حيدري ٿاڻي جي حد اڪبر شاهه ڳوٺ ۾ ٻن اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ماءُ ۽ ڌيءَ مارجي ويون، مارجي ويلن ۾ ممتاز بيگم ۽ ريما شامل آهن جيڪي ماءُ ۽ ڌيءُ ٻڌايون وڃن ٿيون،واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي ملير جو نوٽيس وٺندي ايس پي ملير کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جون هدايتون ڏنيون جنهن بعد ايس پي ملير واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. ان ڏس ۾ ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته مارجي ويل ماءُ ۽ ڌيءُ جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.