سکر ۾ گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان قتل، ڀاءُ مرڻينگ

سکر (رپورٽر) سکر ۾ گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش دوران مزاحمت تي نوجوان قتل ٿي ويو، ان جو ڀاءُ مرڻينگ ٿي پيو، قريشي ڳوٺ ۾ هٿياربند سهڻو کوسو جي گهر ۾ داخل ٿيا ته گهرڀاتي سجاڳ ٿي پيا، گهر ڀاتين پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن  جي فائرنگ ۾ نائد ۽ سندس ڀاءُ نويد کوسو زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو  ويو جتي نائد علي کوسو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن موجب زخمين کي سول اسپتال آندو ته هتي ڪو  به ڊاڪٽر نه هو، ايمبولينس گهرڻ تي انتظاميه ايمبولينس به ڏني، ظلم ڪيو ويو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.