اليڪشن ڪميشن پي ڊي ايم جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي: لطيف کوسو

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي ايم ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جو هڪ ئي نقطو آهي ته بيلٽ پيپر تان خان، خان جي جماعت ۽ بيٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هٽايو وڃي ته جيئن هڪ ئي رانجهو لکن جي مٽ هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ قوم جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جو رويو دنيا آڏو رکيو آهي، اسان کي بيٽ جو نشان ملي يا نه، پي ٽي آءِ هڪ ئي نشان تي چونڊ وڙهندي. هن چيو ته هي ماڻهو تحريڪ انصاف سان مقابلو نٿا ڪري سگهن، القادر ٽرسٽ ۽ توشه خانا ڪيس ۾ ثبوت ناهن مليا، پي ٽي آءِ جي باني جو 190 ملين پائونڊ ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.