مرزا فيملي جا فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ۾ رٽرننگ آفيسرن  لاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، اپيلن تي ٻڌڻي 10جنوري تائين جاري رهندي، اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس ارشد حسين خان مرزا فيملي جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن، رٽرننگ آفيسرز ۽ ٻين کي 8 جنوري جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٽربيونل طرفان 8 جنوري تي ڌرين کان جواب ۽ اعتراض طلب ڪيا ويا، بدين جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تان ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا هئا، مرزا فيملي تي بينڪ جو باقيدار هئڻ جي الزامن کي جواز ڄاڻائي نامزدگي فارم رد ڪيا ويا،  گذريل ڏينهن حسنين مرزا نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي هئي، فارم بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.