شهري انتظاميا جون اسپتالون پارٽنرشپ تحت ڏيڻ جا اطلاع آهن: سعد خالد

ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي صحت، سماجي ڀلائي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙي ترقي جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته  شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما سينٽر ۾ سرندي وارن جي سهڪار سان ٽئين سي ٽي اسڪين مشين جي لڳائڻ سٺو قدم آهي. هن چيو ته سي ٽي اسڪين مشين لڳائڻ سان ڪيترائي مريض فائدو حاصل ڪري سگهندا ۽ ٻين سي ٽي اسڪين مشينن جي لوڊ به گهٽجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر سعد خالد نياز شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما سينٽر ۾ سي ٽي اسڪين مشين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعيد قريشي، ايم ايس ڊاڪٽر روٿ پفائو سول اسپتال ڪراچي ڊاڪٽر سيد خالد بخاري، ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي، سي ٽي اسڪين عطيو ڪندڙ نديم يحيحيٰ ۽ عمر شيخ سميت ٻيا پڻ موجود هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو ته ڪراچي جي شهري انتظاميه تحت هلندڙ اسپتالن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏيڻ جا اطلاع آهن، هو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فيصلي جي حق ۾ آهن. اسپتالن جي بهتري، سڀ کان اول ته ان فيصلي سان غريب عوام کي علاج جون بهتر سهولتون ملنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.