اختر مينگل کي ٽربيونل چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

حب ( رپورٽ: يار محمد بروهي )بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل گروپ جي سربراهه سردار اختر مينگل کي اپيليٽ ٽربيونل  چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل ۾ سردار اختر مينگل جي اپيل جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي بي اين پي جي مرڪزي نائب صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ، ملڪ نصير احمد شاهواڻي، آغا حسن بلوچ، مير اختر حسين لانگو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڪيل ساجد ترين چيو ته اختر مينگل سفري مقصدن لاءِ اقامو ورتو هو، کيس اقامي مان ڪو به فائدو ناهي مليو.اپيليٽ ٽربيونل پاران سوال اٿاريو ويو ته ڇا اختر مينگل جي اقامي مان پگهارون ۽ مراعتون ملڻ وٺڻ ثبوت آهن. ان موقعي تي وڪيل چيو ته اختر مينگل جي اقامي مان پگهار ۽ مالي فائدا وٺڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. اپيليٽ ٽربيونل ۾ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اختر مينگل نامزدگي ڪاغذن ۾ اقاميجو ذڪر ناهي ڪيو جيڪا بدنيتي آهي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 264 تان سردار اختر مينگل جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.