اقتدار ۾ اچي توهان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪندس، عمران خان جون اي سي پي ميمبرن کي ڌمڪيون

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) باني فرد جرم دوران ڪاوڙجي پيو،  اليڪشن ڪميشن جي توهين ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني  خلاف فرد جرم جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني فرد جرم لاڳو ڪرڻ دوران سخت ناراض ٿي ويو ۽ ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ٽن ميمبرن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني. پي ٽي آءِ جي باني اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته اوهان سڀني جون شڪلون ياد آهن ۽ نالا به ڄاڻان ٿو،  اقتدار ۾ اچي توهان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪندس. هن چيو ته جنهن جي چوڻ تي توهان سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيو اهو به توهان کي بچائي نه سگهندو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني جي ڌمڪي تي اليڪشن ڪميشن جا ميمبر حيران ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.