ڪراچي: ٽين هٽي پل وٽ باهه لڳڻ سبب 40 جهوپڙيون سڙي خاڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ٽين هٽي پل وٽ باهه لڳڻ سبب 40 جهوپڙيون سڙي خاڪ ٿي ويون، سپر مارڪيٽ پوليس ٻڌايو ته باهه ٽين هٽي ۾ جهوپڙين ۾ لڳي، جنهن سبب وڏي انگ ۾ جهوپڙيون سڙي خاڪ ٿي  يون، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ايمرجنسي سروس ڊاڪٽر عابد شيخ ٻڌايو ته جهوپڙين ۾ باهه 6 وڳي جي ويجهو ڀڙڪي پئي، هڪ فائر ٽينڊر کي موڪليو ويو، باهه وڌڻ سبب وڌيڪ فائر ٽينڊرز کي موڪليو ويو، 11 فائر ٽينڊرز ڀرپور ڪوششن بعد باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو، ڪولنگ جو عمل جاري آهي، 40 کان مٿي جهوپڙيون سڙي خامڪ ٿي ويون، جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، نالو نه ٻڌائيندڙ پوليس آفيس ٻڌايو ته اڪثر منشيات جا عادي ماڻهو ٽين هٽي پل جي هيٺان رهندا آهن، هن چيو ته هڪ عورت جي سربراهي ۾ منشيات جو اڏو هلندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.